Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat
طريقي سان نماز پڙهڻ جو ڪيترن ئي تجربو ڪيو آهي ۽ کين ان جو فيضان مليو آهي). جڏهن به ڪا حاجت هجي، ڪا به مشڪل پيش اچي، ڪائي پريشاني هجي، بيماري يا قرضداري هجي، ته هيءَ نماز پڙهو! بهتر آهي ته مغرب جي نماز کان پوءِ پڙهو، ياد رهي! هي نماز الله جي لاءِ پڙهڻي آهي ۽ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي وسيلي سان دعا ڪرڻي آهي! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مراد پوري ٿيندي. اهو به سمجهي وٺو ته پاڪستان ۽ هندستان کان بغداد شريف جو رُخ اولهه ۽ اتر (West and North) جي وچ ۾ آهي.
حُسْنِ نِیَّت ہو خطا پھر کبھی کرتا ہی نہیں آزمایا ہے، یگانہ ہے دوگانہ تیرا ([1])
وضاحت: اها ڳالهه تجربي مان ثابت ٿيل آهي ته جيڪڏهن اخلاص سان نماز غوثيه پڙهي وڃي ته ناڪامي نه ٿيندي آهي، بلڪه جنهن مقصد لاءِ پڙهي ويندي آهي، اهو مقصد پورو ٿيندو آهي.
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مدد ۽ نگاههِ ڪرم حاصل ڪرڻ جو هڪ طريقو يارهين شريف به آهي. اَلحمدُ لِلّٰہ! هي وڏي يارهين شريف جو مهينو آهي، هن مهيني ۾ به يارهين شريف جو اھتمام ڪريو! ۽ آئنده هر مهيني ان جي عادت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون تمام گھڻيون برڪتون نصيب ٿينديون. عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا ته اسان جنهن کي به يارهين شريف جو پابند ڏٺو آهي، تجربو آهي ته اهو خوش نصيب معاشي ۽ روحاني لحاظ کان به تمام گهڻي ترقي حاصل ڪندو آهي.([2]) الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .