Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat
پوڙهو ماڻهو يڪدم ساڻن گڏ هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو. جڏهن اهي ٻئي حضرات بارگاههِ غوثيت ۾ حاضر ٿيا ته پاڻ فرمايائون: هن پوڙهي کي منبر ڏانهن وٺي اچو! کيس منبر تي چاڙهيو ويو، هاڻي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: پنهنجو واقعو بيان ڪر! پوڙهو چوڻ لڳو: مان جواني ۾ تمام سٺو گلوڪار هئس، منهنجو آواز تمام گهڻو سُريلو هو، ماڻهو وڏي شوق سان مون کي ٻڌندا هئا، منهنجو گذر سفر تمام سٺو ٿي رهيو هو. پوءِ مان پوڙهو ٿي ويس، آواز اڳي جهڙو نه رهيو، بس انهيءَ سبب ڪري منهنجي مقبوليت کي زوال اچي ويو. هاڻي ماڻهن مون کان توجهه هٽائي ڇڏي، مون کي ٻڌڻ ڇڏي ڏنائون. انهيءَ ئي ڏُکَ ۾ هڪ ڏينهن مون سوچيو ته جيئرا ماڻهو منهنجو گانو نه ٿا ٻڌن ته نه ٻڌن، هاڻي مان مئلن کي ٻڌائيندس. اهو سوچي مان قبرستان ۾ هليو ويس، ڪڏهن هِن قبر جي پاسي ۾ ته ڪڏهن هُن قبر جي پاسي ۾ ايئن ئي گُهمندي ڦِرندي مون ڳائڻ شروع ڪيو. انهيءَ دوران مان هڪ قبر جي پاسي ۾ ويٺو هئس ته اوچتو قبر کلي وئي، ان مان هڪ شخص نڪتو ۽ چيائين: اي انسان! ڪيسيتائين مئلن کي ٻڌائيندو رهندين...؟ پنهنجي فرياد الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پيش ڪر، بيشڪ اهو حَیّ و قَیُّوم آهي. اهو منظر ڏسي مان بيهوش ٿي ويس، جڏهن هوش آيو ته عقل به ٺڪاڻي تي اچي چڪو هو، تنهنڪري مون الله پاڪ جي بارگاهه ۾ فرياد پيش ڪئي. اڃان رب ڪريم جي درٻار ۾ عرض ڪري رهيو هئس ته اوهان جو خادم پهچي ويو ۽ مون کي 100 اشرفيون عطا فرمايائين. ايترو چوڻ کان پوءِ ان پوڙهي شخص پنهنجو گٽار ڀڃي ڇڏيو ۽ سچي دل سان توبهه ڪري نيڪ انسان بڻجي ويو. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! هن پوڙهي شخص ڏک، درد ۽ پريشاني جي عالَم ۾ فرياد ڪنهن جي بارگاهه ۾ ڪئي؟ الله پاڪ جي بارگاهه ۾...!! ۽ اشرفيون موڪلي سندس مدد ڪنهن ڪئي؟ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ...!! معلوم ٿيو ته مدد الله پاڪ جي ئي آهي، اهو ئي فرياد ٻڌڻ وارو آهي، ڏکايل دلين کي اطمينان ۽ سڪون عطا فرمائڻ وارو آهي، پر هن پنهنجي مدد ڪرڻ