ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

الله جو ٻانهو پُٽُ ڏيڻ آيو

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ته مان هڪ عقلي دليل سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اچو! هاڻي هڪ آيت ڪريمه به عرض ڪري ڇڏيان. جيئن ته سيپارو: 16، سورت مريم ۾ حضرت عيسيٰ عَلَیْهِمُ السَّلَام جي امي جان حضرت مريم  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہا  جو واقعو ذڪر ٿيو آهي. جڏهن حضرت مريم  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ا اڪيلائي ۾ تشريف وٺي ويون ته اُتي هڪ نوراني شڪل وارو نوجوان ڏٺائون، پاڻ انتهائي باحيا هيون، پنهنجي ڪمري ۾ ائين نوجوان کي ڏسي چيائون: 

اِنِّیْۤ اَعُوْذُ بِالرَّحْمٰنِ

(پارو: 16، مريم: 18)

ترجموڪنزالعرفان: مان توکان رحمٰن جي پناہه گهران ٿي.

اهو نوجوان ڪو انسان نه هو، پر انساني شڪل ۾ حضرت جبرائيل عَلَیْهِمُ السَّلَام هئا، انهن فرمايو: 

اِنَّمَاۤ اَنَا رَسُوْلُ رَبِّكِ ﳓ لِاَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِیًّا(۱۹)

(پارو: 16، مريم: 19)

ترجمو ڪنزالعرفان: مان ته تنهنجي رب جو موڪليل آهيان ته جيئن مان توکي هڪ پاڪيزه پُٽُ ڏيان.

يعني اي مريم! گهٻراءِ نه ...!! مان الله پاڪ جو موڪليل ملائڪ آهيان، توهان کي پُٽُ ڏيڻ آيو آهيان. 

ڏسو! آهن ڪير ؟ جبرائيل عَلَیْهِمُ السَّلَام. لفظ جبرائيل جي معنيٰ جي توهان کي خبر آهي؟ جبرائيل جي معنيٰ آهي: عبد الله يعني الله جو ٻانهو. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ به ملائڪن کي ٻانهو فرمايو آهي: 

بَلْ عِبَادٌ مُّكْرَمُوْنَۙ(۲۶)

(پارو: 17، سورة انبياء: 26)                                                                         

ترجمو ڪنزالعرفان: بلڪه (ملائڪ) عزت وارا ٻانها آهن.

معلوم ٿيو ته ملائڪ به الله پاڪ جا ٻانها آهن. حضرت جبرائيل امين عَلَیْهِمُ السَّلَام به الله پاڪ جا ٻانها آهن. قربان وڃان! اولاد ڏيڻ وارو ڪير؟ الله پاڪ..! پٽ