ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

12ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني مذاڪَرو

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪين سان ڀرپور زندگي گذارڻ، گناهن کان بچڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ جي لاءِ، الله وارن جي محبت ۽ اُلفت حاصل ڪرڻ جي لاءِ، عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ به خوب زور شور سان حصو وٺو!             اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دل روشن ٿيندي، عشق رسول نصيب ٿيندو، محبتِ الٰهي نصيب ٿيندي ۽ دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون هٿ اينديون. دعوت اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم هفتيوار مدني مذاڪَرو به آهي. 

امير اھلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري  دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه   موجوده دور جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت ۽ وليءِ ڪامل آهن، پاڻ هر ڇنڇر تي عشاء جي نماز کان پوءِ مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، يعني سموري دنيا مان عاشقانِ رسول، تفسير، حديث، شريعت ۽ طريقت وغيره جي مختلف موضوعن تي سوال ڪندا آهن ۽ امير اھلسنت انهن جا جواب ارشاد فرمائيندا آهن. 

مدني مذاڪَرو عقيدن ۽ عملن جي اصلاح جو بهترين ذريعو آهي: * اَلحمدُ لِلّٰہ! هن وقت تائين ڪيترائي غير مسلم مدني مذاڪرو ڏسي ڪلمو پڙهي چڪا آهن * بي نمازين جو هڪ وڏو تعداد نمازي بڻجي چڪو آهي * ڪيترن ئي دلين جي اصلاح ٿي چڪي آهي. اوهان به مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * علم دين حاصل ٿيندو * محبتِ الٰهي ملندي * عشق رسول ۾ اضافو ٿيندو * گناهن کان نفرت نصيب ٿيندي * نيڪين ڪرڻ جو جذبو ملندو ۽ * اخلاق ۽ ڪردار ۾ به بهتري ايندي. 

اچو ته مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي فائدن تي مشتمل هڪ مدني بھار ٻڌون ٿا: