Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat
ہیں پیرِ پیراں! غوثِ پاک ہیں میرِ میراں! غوثِ پاک
مَحْبُوبِ سُبْحاں! غوثِ پاک ولیوں کے سُلطاں! غوثِ پاک
مُشکل ہو آساں! غوثِ پاک دو دَرد کا دَرْمَاں! غوثِ پاک
فرماؤ اِحْساں! غوثِ پاک راحت کا سَاماں! غوثِ پاک
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
ڇا وَلِي به ڪجهه ڏئي سگهن ٿا ...؟
پيارا اسلامي ڀائرو! غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پِيرَن تي ڪرم فرمايو، جنهن جيڪو گهريو، اهو کين عطا ڪري ڇڏيائون. هتي ذهن ۾ سوال پيدا ٿي سگهي ٿو ته: حاجت پوري ڪرڻ وارو ته الله پاڪ آهي، ڏيڻ واري ذات ته الله پاڪ جي آهي، ڇا ٻانهو به ٻانَهن کي ڪجهه ڏئي سگهي ٿو؟ ڇا انسان به انسانن جون حاجتون پوريون ڪري سگهي ٿو؟
اهو وڏو اهم مسئلو آهي ۽ ان جو جواب تمام آسان آهي. ڏسو! رازق (يعني رزق ڏيڻ وارو) ڪير آهي؟ الله پاڪ...! شام جو ڪمائي ڪير ايندو آهي؟ جواب آهي بابا سائين. ڪيڏي نرالي ڳالهه آهي...؟ گهر ۾ چار ننڍڙا ننڍڙا ٻار آهن، ٻه ڌيئرون به آهن، پوڙها ماءُ پيءُ به آهن، انهن سڀني جو رازق الله پاڪ آهي، اهو ئي سڀني کي رزق عطا ڪرڻ وارو آهي، پر ڏَئي بابا سائينءَ جي هٿن سان رهيو آهي.
معلوم ٿيو ته الله پاڪ دنيا جو نظام اهڙي طرح رکيو آهي، هن دنيا ۾ جنهن کي به، جيڪو به ملندو آهي، چاهي اهو دڪان تي ويهڻ سان ملي، فيڪٽري هلائي ملي، يا مزدوري ڪري ملي، ملندو ٻانهن جي هٿن سان ئي آهي، پر ڏيندو الله پاڪ ئي آهي. بلڪل اهڙي طرح ڏيندو الله پاڪ ئي آهي، ڪڏهن غوثِ پاڪ جي نگاهه جي فيضان سان ملي ويندو آهي ته ڪڏهن داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي وسيلي سان ملي ويندو آهي. عطا الله پاڪ جي آهي، پر ملندي وَلِين جي درٻارُن مان آهي.