ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

کي حيرت ٿي، اسان قافلي وارن کان پڇيو ته هي  چپل اوهان کي ڪٿان مليا؟ هنن وراڻيو: 3  صفر شريف جي ڳالهه آهي، اسان تي ڌاڙيلن حملو ڪيو، اسان جا ڪيترائي ماڻهو قتل ڪيا ۽ سامان به لُٽي ورتائون. ڌاڙيل اسان جو مال هڪ جڳهه تي ويهي پاڻ ۾ ورهائي رهيا هئا ته ان وقت اسان نيت ڪئي ته غوث پاڪ شيخ عبد القادر جيلاني  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه   اسان جي مدد فرمائن ۽ اسان هن مصيبت مان بچي وڃون ته غوث پاڪ  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جي خدمت ۾ نذرانو پيش ڪنداسين. 

اڃان اسان پاڻ ۾ اها ڳالهه ڪري ئي رهيا هئاسين ته جهنگ مان ٻه بلند آواز ٻڌڻ ۾ آيا، جن سان سمورو خاموش جهنگ گونجي اٿيو، ڌاڙيل به ڊڄي ويا. پوءِ ڪجهه گهڙين بعد هڪ ڌاريل ڊنل ۽ هِيسِيَل اسان وٽ آيو ۽ چيائين: اچو! پنهنجو مال کڻو! ۽ ڏسو اسان جو ڪهڙو حال ٿيو آهي؟ اسان جلدي جلدي ڌاڙيلن جي ويجهو پهتاسين، ڏٺوسين ته انهن جا ٻئي سردار مئا پيا آهن ۽ سندن پاسي ۾ غوث پاڪ  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جا هي مبارڪ چپل پيا آهن. پوءِ اسان  ٻئي چپل به کنيا، پنهنجو مال به کنيو ۽ غوث پاڪ  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جي خدمت ۾ نذرانو پيش ڪرڻ لاءِ حاضر ٿي وياسين. ([1])

اَسِیْروں کے مُشْکِل کُشا غوثِ اعظم!                                                فقیروں کے حاجَت رَوا غوثِ اعظم!

گِھرا ہے بلاؤں میں بندہ تمہارا                                                                                 مدد کے لیے  آؤ یاغوثِ اعظم!

ترے ہاتھ میں ہاتھ مَیں نے دیا ہے                                                            ترے ہاتھ ہے لاج یاغوثِ اعظم! ([2])

                  سُبْحٰنَ اللہ! هِي به الله وارن جا اختيار آهن، الله پاڪ کين اها طاقت بخشيندو آهي ته اُهي هڪ جاءِ تي رهي ڪوهين  ڏُور پنهنجي غلامن جو سَڏُ ٻڌندا به آهن ۽ سندن مدد به فرمائيندا آهن.


 

 



[1]...بَہْجَۃ ُالْاَسْرَار، ذکر فصل من کلامہ مرصعا بشئی من ...الخ، صفحہ:132 خلاصۃً۔

[2]...ذوقِ نعت، صفحہ:180۔