ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

حضرت موليٰ علي، شير خدا  رَضِیَ اللهُ عَنْہُ   جي ايصال ثواب لاءِ غلام آزاد ڪندا هئا. ([1]) A                                       حضرت سعد  رَضِیَ اللهُ عَنْہُ   پنهنجي والده جي انتقال کان پوءِ سندن ايصال ثواب جي لاءِ پاڻيءَ جو کُوهه کوٽايو هو. ([2])  

شيخ طريقت، امير اھلسنت مولانا الياس عطار قادري  دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه   لکن ٿا: (1):  ايصالِ ثواب جي لفظي معنيٰ آهي: ’’ثواب پهچائڻ‘‘، ان کي ’’ثواب بخشڻ‘‘ به چوندا آهن، پر بزرگن لاءِ ’’ثواب بخشڻ‘‘ چوڻ مناسب نه آهي، ’’ثواب نذر ڪرڻ‘‘ چوڻ ادب جي وڌيڪ ويجهو آهي. (2):  * فرض           * واجب * سنت * نفل * نماز * روزو * زڪوات * حج  * تلاوت * نعت شريف * ذڪر الله * درود شريف * بيان * درس * قافلي ۾ سفر * علائقائي دورو * ديني ڪتابن جو مطالعو * نيڪي جي دعوت وغيره هر نيڪ ڪم جو ايصال ثواب ڪري سگهجي ٿو. (3) انبياء ۽ مرسلين عَلَیْهِمُ السَّلَام، فرشتن ۽ مسلمان جنن کي به ايصال ثواب ڪري سگهجي ٿو. (4) يارهين شريف ۽ رجب شريف (يعني 15 رجب شريف تي امام جعفر صادق  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  کي ثواب نذر ڪرڻ لاءِ ڪونڊا ڪرڻ) وغيره جائز آهي. (5) اولياءِ ڪرام  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه م جي فاتحه جي کاڌي کي تعظيماً ’’نذر ۽   نياز‘‘ چوندا آهن ۽ اهو جائز آهي، ان کي امير ۽ غريب سڀ کائي سگهن ٿا. (6) نياز ۽ ايصال ثواب جي کاڌي تي فاتحه پڙهائڻ لاءِ ڪنهن کي گهرائڻ يا ٻاهرين مهمان کي کارائڻ شرط نه آهي، گهر جا ماڻهو جيڪڏهن پاڻ ئي فاتحه پڙهي کائن تڏهن به ڪو حرج نه آهي. (7) روزانو جيترا به دفعا کاڌو حسب حال سٺين سٺين نيت سان کائو ته ان ۾ جيڪڏهن ڪنهن نه ڪنهن بزرگ جي ايصال ثواب جي نيت ڪئي وڃي ته سٺو آهي. مثلاً: * ناشتي ۾ نيت ڪريو: ته اڄ جي ناشتي جو ثواب سرڪار مدينه  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ۽ انهن جي  ذريعي


 

 



[1]... مصنف ابن ابی شیبۃ، کتاب الجنائز، باب ما یتبع المیت بعد موتہ، جلد:3، صفحہ:262، حدیث:12۔

[2]... ابو داود، کتاب الزکاۃ، باب فی فضل سقی الماء، صفحہ:274، حدیث:1681مختصراً۔