Book Name:Imamay Ki Barkatain
سرکار کی آمد! مرحبا دلدار کی آمد! مرحبا! مکی کی آمد! مرحبا! مدنی کی آمد! مرحبا
حضور کی آمد! مرحبا! پر نور کی آمد! مرحبا سرور کی آمد! مرحبا! رہبر کی آمد! مرحبا!
مرحبا! یا مصطفےٰ! مرحبا! یا مصطفےٰ! مرحبا! یا مصطفےٰ! مرحبا! یا مصطفےٰ!
سڀئي اسلامي ڀائر هاڻي کان ئي هن جي تياري شروع فرمايو! پنهنجن ٭ گهرن ٭ دڪانن ٭ فيڪٽرين ٭ مسجدن ٭ مدرسن ٭ گهٽين ٭ محلن ٭ شاهراهن ٭ عمارتن تي خوب چراغان ڪريو! مدني جھنڊا لھرايو! ذڪرِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي محفلن جو اهتمام ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون گهڻيون برڪتون حاصل ٿينديون. الله پاڪ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ ڪجهه آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. آقاءِ نامدار، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ يعني جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم: عمامي سان 2 رڪعتون نماز پڙهڻ بغير عمامي جي 70 رڪعتون پڙهڻ کان افضل آهي. ([2])