Book Name:Imamay Ki Barkatain
مردن کي تحفي ۾ عمامو پيش ڪيون. تحفو به ٿي ويندو، اداءِ مصطفيٰ تي عمل به ٿي ويندو ۽ عمامو ٻڌڻ جي خاموش ترغيب به ٿي ويندي.
تنهنڪري تحفي ۾ عمامو پيش ڪرڻ جي ڪوشش فرمايو. هي ته هڪ خواب جو واقعو عرض ڪيو ويو، يقيناً پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي خواب ۾ ڏسڻ به حقيقت ۾ ڏسڻ آهي، حديث پاڪ ۾ آهي: مَنْ رَآنِي في الْمَنَام ِفَقَدْ رَآنِي اِنَّ الشَّيْطانَ لايَتَمَثَّلُ بِيْ يعني جنهن خواب ۾ مون کي ڏٺو، تنهن مون کي ئي ڏٺو، بيشڪ شيطان منهنجي صورت اختيار نٿو ڪري سگهي.[1]
لهٰذا پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم خواب ۾ عمامو شريف عطا فرمايو يعني حقيقت ۾ ئي عطا فرمايو. البته! پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي سيرتِ پاڪ ۾ باقاعده اها ڳالهه ملي ٿي ته پاڻ سڳورا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم عمامي شريف جو تحفو عطا فرمائيندا هئا.
٭ مسلمانن جي چوٿين خليفي علي المرتضيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي جڏهن يمن ڏانهن روانو فرمايائون ته پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم پنهنجن هٿن سان سندن مٿي تي عمامو شريف سجايو[2] ٭ اهڙي طرح حضرت معاذ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي سفر تي روانو فرمايائون ته حڪم فرمايائون: بلال...!! منهنجو عمامو کڻي اچ! عمامو شريف حاضر ڪيو ويو، پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم پنهنجن مبارڪ هٿن سان پنهنجو مبارڪ نوراني عمامو شريف حضرت معاذ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي مٿي تي سجايو. اهڙي طرح ٻين موقعن تي به پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جن عماما عطا فرمايا.[3] ٭ هڪ روايت ۾ آهي: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ