Imamay Ki Barkatain

Book Name:Imamay Ki Barkatain

هي فرمانِ ذيشان ٻڌي شيخ احمد مغربي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه عمامو شريف قبول ڪيو، چُمي، اکين سان لڳايو ۽ مٿي تي سجائي ڇڏيو.[1]  

نيڪي جي دعوت پسنديده ڪم آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان معلوم ٿيو ته عمامو شريف ٻَڌڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ٻئي پسنديدهه ڪم آهن، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم انهن جي ترغيب ڏياري آهي. 

تنهڪري اسان کي به گهرجي ته مٿي تي عمامو شريف سجايون ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪندا رهون. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو: 

وَ مَنْ اَحْسَنُ قَوْلًا مِّمَّنْ دَعَاۤ اِلَى اللّٰهِ               (پارو: 24 ، سورة حٰم السجدہ: 33)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ان کان وڌيڪ ڪنهن جي ڳالهه چڱي جيڪو الله جي طرف سڏي

حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ صحابيءِ رسول آهن، فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! مون وٽ مال نه آهي، مان صدقو ڪيئن ڪريان؟ فرمايائون: تون نيڪي جي دعوت ڏيندو ڪر ۽ برائي کان روڪيندو ڪر ...!![2]    

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ، براين کان روڪڻ پسنديده عمل آهي، رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم پسند فرمائن ٿا ته سندن غلام پنهنجي اصلاح سان گڏوگڏ ٻين جي اصلاح ۾ به مصروف رهن.


 

 



[1] اخبار الاخیار، صفحہ:158-159۔

[2]  مسند احمد، جلد:8، صفحہ:550-551، حدیث:22101ملتقطاً۔