Book Name:Imamay Ki Barkatain
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! ٭الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس ٭ بَاادب ويهندس ٭ خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس ٭ جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پنهنجي دور جا عظيم محدِث، عالم، وليءِ ڪامل، اها هستي جن جي ذريعي حديثِ مصطفيٰ جو فيضان بَرِصغير ۾ عام ٿيو، يعني حضرت علّامه شيخ عبد الحق محدِث دِهلوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه، هڪ تمام خوبصورت واقعو لکيو آهي، فرمائن ٿا: هڪ بزرگ هئا: شيخ احمد مغربي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه انهن کي مديني پاڪ جي حاضري جو شرف حاصل ٿيو، جڏھن واپسي جو وقت آيو ته شيخ احمد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجن دوستن سان گڏ الوداعي سلام لاءِ مواجہه شريف (يعني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي چهري سامهون) حاضر ٿيا، سلام پيش ڪيائون ان وقت روضهءِ مقدس جا جيڪي خادم هئا اهي سندن ويجهو آيا ۽ کين عمامو شريف ڏيندي چيائون: هي عمامو شريف وٺو ۽ ٻڌي ڇڏيو!
خادم وڌيڪ عرض ڪيو: رات منهنجي قسمت جاڳي پئي، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم منهنجي خواب ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ هي عمامو شريف عطا ڪري فرمايائون: هي عمامو احمد مغربي کي ڏجانءِ ۽ کين چئجان: هي عمامو مٿي تي ٻڌو ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ لڳي وڃو ...!!