Imamay Ki Barkatain

Book Name:Imamay Ki Barkatain

ڪَنبَنديون هيون، مسلمانن جو نالو ٻڌڻ سان بادشاهن جا تخت ڏڪي ويندا هئا ۽ اڄ ڪهڙيون حالتون آهن، سڀني جي اکين اڳيان آهن.

بجھی عشق کی آگ اندھیر ہے                    مسلماں نہیں راکھ ڈھیر ہے

مسلمانن جي هن تنزلي جا ڪيترائي سبب آهن، انهن مان هڪ سبب سنت کي ڇڏي ڏيڻ ۽ فيشن اپنائڻ به آهي.

حِلم ملندو آهي  ...؟

عمامو ٻڌڻ سان ڇا ملندو؟ ٻڌو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: اِعْتَمُّوا ‌تَزْدَادُوا حِلْمًا  يعني عمامو ٻڌو! توهان جو حِلم وڌي ويندو.[1] 

 سُبْحٰنَ اللہ! حِلم جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو وصف آهي، حِلم نبين جي سنت آهي ٭ حِلم وارو الله پاڪ جو پسنديده ۽ پيارو ٻانهو بڻجي ويندو آهي      ٭ فرشتا حِلم واري جا مددگار هوندا آهن ٭ حِلم واري جي ماڻهو تعريف ڪندا آهن ٭ حِلم وارو ماڻهو بلند درجن تائين پهچي ويندو آهي. مختصر طور، حِلم اها دولت آهي جيڪا دنيا جي تمام خزانن کي خرچ ڪري به حاصل نه ٿي ڪري سگهجي، هيءَ عظيم دولت عمامو ٻڌڻ جي برڪت سان نصيب ٿيندي آهي. 

تُو عطا حِلْم کی بھیک کر دے                        میرے اخلاق بھی ٹھیک کر دے

تجھ کو فاروق کا واسطہ ہے                           یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے ([2])


 

 



[1] شعب الایمان،  باب فی الملابس...الخ، فصل فی العمائم، جلد:5، صفحہ:176، حدیث:6260۔

[2] وسائِلِ بخشش، صفحہ:138۔