Book Name:Imamay Ki Barkatain
ان جو سادو مثال پيش ڪريان: عصر جون جيڪي فرض کان اڳ ۾ 4 سنتون آهن، اهي غير مؤڪده آهن. اسان سڀ پنهنجو پاڻ کان پڇون ته ڪيترو عرصو ٿيو آهي جو اسان اهي سنتون نه پڙهيون آهن؟ عام طور تي ماڻهو نه پڙهندا آهن. ڇو نه پڙهندا آهن؟ ڇاڪاڻ ته اهي غير مؤڪده آهن، نه به پڙهيون ته گناهه نه ٿيندو. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن عِمَامو پائڻ جي ترغيب ڏني وڃي ته ڪڏهن ڪڏهن جواب ملندو آهي: عِمَامو ٻڌڻ ڪهڙو فرض يا واجب آهي، سنتِ غير مؤڪده ئي ته آهي، نه به ٻڌو ته ڪهڙو گناهه ٿيندو؟
الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. مان هي مشورو ڏيندس ته حڪم جي مقدار کي نه پر ان جي اثر کي ڏسڻ جي عادت بڻايو! هڪ ننڍڙو مثال پيش ڪريان: جيڪڏهن ڪنهن کي تجربو ٿيو هجي، الله ڪري اهڙو تجربو نه ئي ٿئي، اوچتو ڪنهن جو بلڊ پريشر وڌي وڃي، 200 تائين پهچي وڃي، انسان بيہوشي جهڙي حالت ۾ هليو وڃي، دل ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هجي، اسان کيس جلدي جلدي اسپتال کڻائي وڃون. ڊاڪٽر صاحب بلڊ پريشر چيڪ ڪرڻ کان پوءِ فوراً ڇا ڪندا آهن؟ هڪ ننڍڙي گوري، بلڪل ننڍڙي، شايد اسان جي آڱر جي هڪ پَوري تي 4 گوريون اچي وڃن، ايتري ننڍڙي هوندي آهي، اها گوري ڊاڪٽر صاحب مريض جي زبان جي هيٺان رکندا آهن. هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص نادان هجي، اهو ڊاڪٽر صاحب جي مٿان چڙهي وڃي ته ڀاءَ! ٻانهو ايترو سخت بيمار آهي، توهان هڪ ننڍڙي گوري رکي ڇڏي آهي؟ اهڙي شخص کي ڇا چيو ويندو؟ يقيناً اهو چيو ويندو ته ڀاءُ! گوري جي مقدار کي نه ڏس! ان جي اثر کي ڏس ...!! آهي جيتوڻيڪ ننڍڙي پر الله پاڪ جي فضل سان ڪجهه ئي منٽن ۾ بي پي معمول مطابق ڪري ڇڏيندي آهي.