Book Name:Imamay Ki Barkatain
وغيرهه وغيرهه، جهڙيون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. اسان جي ته بس سِڌِي سنئين ڳالهه آهي:
ہم عشق کے بندے ہیں کیوں بات بڑھائی ہے
(يعني اسان عشق وارا آهيون، ڇو ڳالهه وڌايو ٿا)
مولانا حسن رضا خان صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪيتري نه پياري ڳالهه چئي آهي، هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين کي فقط هڪ ئي جواب آهي
اپنا عزیز وہ ہے جسے تُو عزیز ہے ہم کو ہے وہ پسند جسے آئے تُو پسند
بس حضور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي پسند آهي، تنهنڪري اسان کي به پسند آهي. ان ڪري عِمَامو شريف ٻڌڻ جي عادت اختيار ڪرڻ گهرجي.
ایمان کا اظہار ہے سرکار کی الفت سرکار سے الفت کا ہے اظہار عِمَامہ
پيارا اسلامي ڀائرو! شيطان عِمَامو نه ٻڌندو آهي ته پوءِ ڪير ٻڌندو آهي؟ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: رَاَيْتُ أكْثَرَ مَنْ رأيْتُ مِنَ المَلائِكَةِ مُعْتَمِّينَ يعني مون اڪثر فرشتن کي عِمَامو ٻڌل ئي ڏٺو آهي.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته عِمَامو ٻڌڻ سنتِ انبياء به آهي، سنتِ مصطفيٰ به آهي ۽ گڏوگڏ سنتِ ملائڪه به آهي. اڪثر فرشتا عِمَامو ٻڌندا آهن.
ڇا اوهان کي خبر آهي جيڪڏهن انسان ملائڪن جون ادائون اختيار ڪري ته الله پاڪ کي اها ڳالهه پسند آهي. بلڪل! مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت