Imamay Ki Barkatain

Book Name:Imamay Ki Barkatain

پیچ کرتا ہے فدا ہونے کو لمعہ نُور کا                  گردِ سر پھرنے کو بنتا ہے عِمَامہ  نُور کا[1]

 الله پاڪ اسان کي عمامو شريف ٻڌڻ ۽ اڇو عمامو سجائڻ جي توفيق عطا فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: درس

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ للہ! اڄ جي هن پرفتن دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي امت کي نيڪ نمازي ۽ سنتن جو پابند بڻائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي، اوهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به زور شور سان حصو وٺو!       اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم درس به آهي. 

مسجد، چوڪ، مارڪيٽ، خاص طور گهر ۾ جتي جتي موقعو ملي درس ڏيڻ جي ڪوشش ڪيو! نه ڏئي سگهو ته ان ۾ شرڪت ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٭ علمِ دين سکڻ جو موقعو ملندو ٭ مسجد درس ۾ شامل ٿيڻ جي صورت ۾ ايتري دير مسجد ۾ ويهڻ جو ثواب ملندو ٭ نيڪ صحبت ۾ ويهڻ نصيب ٿيندو ٭ گهران ئي درس ۾ شرڪت جي نيت ڪري نڪرند ته راههِ علمِ دين ۾ هلڻ جو ثواب ملندو ٭ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مخلوقات ايسيتائين جو درياءَ جون مڇيون به دعا ڪنديون. اچو ته! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا: 

هوٽل جي زينت بڻجي وڃڻ وارو نوجوان

حيدرآباد، سنڌ جي رهندڙ هڪ اسلامي ڀاءُ پنهنجو واقعو ڪجهه هن ريت بيان ڪيو ته: هڪ ڏينهن مان ڪنهن هوٽل تي ويٺي چانهه پي رهيو هئس ته سنتن ڀريو لباس پهريل هڪ اسلامي ڀاءُ منهنجي ويجهو آيو ۽ گرم جوشي


 

 



[1] حدائقِ بخشش، صفحہ:244۔