Book Name:Imamay Ki Barkatain
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي عِمَامي شريف سان ڪيڏي نه محبت هئي، روايت ٻُڌو! جڏهن پاڻ سڳورن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جن جي خدمت ۾ مرض حاضر ٿيو، يعني ظاهري زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ جڏهن بيماريءَ حاضري ڏني، تَن ڏينهن جي ڳالهه آهي، حضرت فضل بن عباس رَضِیَ اللہُ عَنْہُ خدمتِ اقدس ۾ حاضر ٿيا، پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: یَا فَضْلُ!شُدَّ هَذِهِ الْعِصَابَةَ عَلَى رَأْسِيْ يعني اي فضل...!! هي عِمَامو وٺ ۽ منهنجي مٿي تي ٻڌ![1]
اسان کي اُهو ئي پسند آهي، جيڪو اوهان کي پسند آهي
سُبْحٰنَ اللہ! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي عِمَامي شريف سان ڪيتري محبت هئي. جيڪي اسلامي ڀائر عِمَامو ٻڌندا آهن، انهن جي لاءِ به ترغيب آهي. ڪڏهن ڪڏهن بيمار ٿي پوندا آهن، گهر ۾ هوندا آهن يا ڪو اهڙو معاملو درپيش هوندو آهي ته عِمَامو شريف ٻڌڻ جا عادي اسلامي ڀائر به عِمَامو لاهي ڇڏيندا آهن ۽ ٽوپي پائي ڇڏيندا آهن. انهن جي لاءِ ترغيب آهي ته اسان جي آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ مرض حاضر آهي، پاڻ عمامو شريف سجائن، بظاهر اهڙي حالت نه هئي، تنهنڪري حڪم ڏنائون ته منهنجي مٿي تي عِمَامو ٻڌو.
ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن جا دليل ڏيندا آهن ته ٽوپي پائڻ ڪهڙو ناجائز آهي؟ مٿو اُگهاڙو ڪري گهمڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ عِمَامو ته عربن جو رواج هو؟