Book Name:Imamay Ki Barkatain
کُلي ويندو آهي، هيءَ به امير اهلسنت جي ادا آهي ته هڪ هڪ وَرُ (پَيچ) ڪري عمامو کوليندا آهن. خير! پاڻ وضو ڪري نفل ادا فرمايائون، ان وقت عمامو ٻڌڻ ياد نه رهيو، جڏهن نفل پڙهي چڪا ته بعد ۾ کين خيال آيو ته مون ته نماز عمامي کان بغير ئي پڙهي آهي، تنهنڪري وڌيڪ نيڪيون ڪمائڻ جي حرص ۾ پاڻ عمامو شريف ٻڌائون ۽ ٻيهر نفل ادا ڪيائون.
سُبْحٰنَ اللہ! هيءَ حرص جي ڳالهه آهي، اسان کي مال ۽ دولت جي لالچ هوندي آهي، عھدي ۽ منصب جي لالچ هوندي آهي، عزت ۽ شهرت جي بک هوندي آهي، پر جيڪي الله وارا هوندا آهن، اهي نيڪين جا حريص هوندا آهن. ڪاش! اهڙو حرص اسان کي به نصيب ٿي وڃي. آمِيْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم.
پيارا اسلامي ڀائرو! عمامو شريف ٻڌڻ جا دنياوي فائدا به آهن ٭ پهريون اهو ته عمامو شريف ظاهري حسن جو ذريعو آهي٭ اهڙي طرح عمامو شريف اُسَ جي شدت کان بچائيندو آهي ٭ سرديءَ کان محفوظ رکندو آهي ٭ فزيالوجي(Physiology) جي هڪ تحقيق مطابق عمامي شريف جي برڪت سان حرام مغز محفوظ رهندو آهي، اعصابي نظام مضبوط ٿيندو آهي ٭ عمامو شريف فالج کان حفاظت جو ذريعو آهي ٭ عمامي جو شملو ڪرنگهي (ريڙهه) جي هڏي جي ورم کان بچائيندو آهي ٭ عمامو شريف ٻڌڻ مٿي جي سُورَ لاءِ تمام مفيد آهي ٭ عمامي شريف جي برڪت سان دائمي نزلو نه ٿيندو آهي، جيڪڏهن ٿي به وڃي ته ان جي شدت تمام گهٽ ٿيندي آهي ٭