Book Name:Imamay Ki Barkatain
معلوم ٿيو ته فرشتا حسين ترين آهن ۽ فرشتا عِمَامو ٻڌندا آهن. هاڻي اسان وٽِ جيڪي ماڻهو فيشن تي مرندا آهن، خوبصورت نظر اچڻ جي لاءِ، پنهنجي پَرِ ۾ سٺو لڳڻ جي لاءِ عِمَامو نه ٻڌندا آهن، اهي غور ڪن ته اصل ۾ حسن ته عِمَامو ٻڌڻ ۾ آهي. ملائڪ جيڪي حسين ترين آهن، نوري مخلوق آهن، اهي به عِمَامو ٻڌندا آهن. حضرت يوسف عَلَیْهِ السَّلَام جن جي حسن جو مثال دنيا ۾ نه ٿو ملي، اُهي به عِمَامو شريف سجائيندا هئا ۽ سڀني حَسِينن کان حَسِين، جن جي حسن جو صدقو سموري ڪائنات کي نصيب ٿيو آهي، جن جو حسن الله پاڪ کي به پسند آيو، اهي محبوب ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم به عِمَامو شريف سجائيندا هئا. معلوم ٿيو ته حسن عِمَامو نه ٻڌڻ ۾ نه، پر عِمَامو شريف سجائڻ ۾ آهي.
روايتن ۾ آهي: تَعَمَّمُوا تَزْدَادُوْاجِمَالًا يعني عِمَامو ٻڌو! توهان جي حسن ۾ اضافو ٿيندو.
اُن کا دیوانہ عِمَامہ اور زلف و ریش میں واہ! دیکھو تو سہی لگتا ہے کتنا شاندار
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
ننڍڙي گوريءَ جو وڏو ڪمال
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ ماڻهن جو هڪ مزاج آهي، ماڻهو شرعي حڪم جي مقدار کي ڏسي ڪو ڪم اپنائيندا آهن. مثال طور: ٭ هي ڪم فرض آهي، تنهنڪري ڪرڻو ئي پوندو ٭ فلاڻو ڪم واجب آهي، اهو به ضرور ڪرڻو آهي ٭ فلاڻو ڪم سنتِ مؤڪده آهي، نه ڪرڻ جي عادت بڻائي ڇڏي ته گناهه ٿيندو، تنهنڪري اهو به ڪرڻو آهي ٭ فلاڻو ڪم سنتِ غير مؤڪده آهي، مستحب ڪم آهي، نه ڪيو ته گناهه نه ٿيندو، تنهنڪري خير آهي، ڇڏي ڏيو.