Imamay Ki Barkatain

Book Name:Imamay Ki Barkatain

وَسَلَّم قبيلي بنو حارث ڏانهن عماما موڪليا ۽ فرمايو: انهن کي تقسيم ڪيو وڃي.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏو نه شان آهي؟ پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم عماما تقسيم فرمائيندا هئا. اسان وٽ جيڪي استطاعت رکن ٿا، انهن جي لاءِ زبردست ترغيب آهي، اسان لنگر  ته ڪندا ئي رهندا آهيون ٭ 12 هين شريف جو لنگر ٭ 11 هين  شريف جو لنگر ٭ 26 هين شريف جو لنگر ٭ خواجه حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ڇهين شريف جو لنگر ٭ ۽ ٻيا به ڪيترائي لنگر اسان وٽِ ٿيندا رهندا آهن، ماڻهو ديڳيون پچرائيندا آهن، بريانيون ورهايون وينديون آهن، اهو به جائز آهي، کاڌو کارائڻ کي افضل اعمال ۾ شمار ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ اسان ديني رسالا به تقسيم ڪري سگهون ٿا، مسواڪ شريف (يعني ڏندڻ) جو لنگر به ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن نصيب ٿي وڃي ته عمامي شريف جو لنگر به ٿي سگهي ٿو. الله پاڪ توفيق عطا فرمائي. اها به هڪ طرح سان خاموش ترغيب آهي، جنهن کي عمامو شريف پيش ڪيو، ان جي ذهن سازي ڪيو، جيڪڏهن هُو عمامو ٻڌڻ تي راضي ٿي وڃي ۽ لڳي به هي عمامو ٻڌندو ته پوءِ عمامو شريف پيش ڪيو.  الله پاڪ جي مهرباني سان جيڪو توهان جي ترغيب تي عمامو شريف سجائيندو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جو ثواب اوهان کي به ملندو رهندو. 

سنت ۾ عظمت آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! عمامو شريف ٻڌڻ سنت آهي ۽ سنت ۾ عظمت آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهي: 

لَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِیْ رَسُوْلِ اللّٰهِ اُسْوَةٌ حَسَنَةٌ  (پارو:21، سورہ احزاب:21)

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ توهان جي لاءِ الله جي رسول ۾ بهترين نمونو موجود آهي.


 

 



[1]  السیرۃ لابی اسحاق الفرازی، صفحہ:237، حدیث:396۔