Imamay Ki Barkatain

Book Name:Imamay Ki Barkatain

معلوم ٿيو ته جيڪو محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي پيروي ڪندو آهي، الله پاڪ ان کي پنهنجو محبوب بڻائي ڇڏيندو آهي. 

هر  وقت عمامو  ٻڌڻ سنت آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! لباس جي سنتن ۾ عمامو مستقل سنت آهي. محدِثين جا استاد شيخ وصي احمد صُورتي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  فرمائن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي عادت شريف هئي ته سفر هجي يا حضر، گهر ۾ هجن يا ٻاهر، نماز ۾ هجن يا نماز کان علاوه هر حالت ۾ سَرِ انور تي عمامو شريف جڳمڳائيندو رهندو هو.[1]    

تاج والے دیکھ کر تیرا عِمَامہ  نُور کا                سَر جھکاتے ہیں اِلٰہی بول بالا نُور کا[2]

وضاحت: يا رسولَ الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! توهان جي عمامي شريف جي اڳيان ته دنيا جي وڏن وڏن سلطانن جا سِرَ جهڪي وڃن ٿا ۽ زبان حال سان چوندا آهن ته ياالٰهي هن سراپا نور جو مانُ مٿانهون هجي. 

  عشق وارن جا انداز نرالا هوندا آهن، عاشقن جي امام اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو عشق ڀريو انداز ڏسو! لکن ٿا: 

پُشت پر ڈھلکا سَرِ اَنْوَر سے شملہ نُور کا              دیکھیں موسیٰ طُور سے اُترا صحیفہ نُور کا

وضاحت: يارسولَ الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! توهان جي پُٺِي مبارڪ سان لٽڪندڙ شملي کي جيڪڏهن موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام  ڏسي وٺن ته ضرور اهو چوندا ته اهو ته ائين لڳي رهيو آهي جيئن آسمان مان ڪو صحيفو نازل ٿي رهيو آهي.


 

 



[1]  کشف الغمامہ عن سنیۃ العمامہ، صفحہ:14-15۔

[2]  حدائقِ بخشش، صفحہ:243۔