Book Name:Imamay Ki Barkatain
سُبْحٰنَ اللہ! منهنجي لاءِ، توهان جي لاءِ، اسان سڀني جي لاءِ بهترين نمونو ڪير آهي؟ اسان جا آقا وموليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ...!! اسان کي پيروي ڪرڻي آهي ڪنهن جي؟٭فلمي اداڪارن جي نه ٭رانديگرن جي، نه ٭ ٽڪ ٽاڪرن جي، نه ٭ يوٽيوبرز جي، نه ٭ نئين نئين فيشن جي، نه، بلڪه پيروي ڪنداسين ته پياري محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي، اهي حسين و جميل آقا، اهي پيارا پيارا آقا، اهي من کي موهڻ وارا آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جيڪي ايترا ته پيارا آهن، جو سڀني جھانن جو خالق و مالڪ الله ربُّ العزت به ساڻن محبت فرمائيندو آهي.
اعلٰي حضرت امام احمد رضاخان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا:
جِس کا حُسن اللہ کو بھی بَھا گیا ایسے پیارے سے محبّت کیجیے[1]
محبوب بڻائڻ وارا نبي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم
هتي هڪ ٻي ڳالهه به ڪندو هلان ته اسان جا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم صرف محبوبِ خدا نه آهن، محبُوب گَر به آهن، ائين ناهي ته صرف پاڻ سڳورا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ئي الله پاڪ جا محبوب آهن پر جيڪو سندن سنتن تي، پيارين پيارين ادائن تي عمل ڪرڻ لڳندو آهي، ان کي به محبوبِ خدا بڻائي ڇڏيندا آهن. جي ها! قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد ٿيو:
قُلْ اِنْ كُنْتُمْ تُحِبُّوْنَ اللّٰهَ فَاتَّبِعُوْنِیْ یُحْبِبْكُمُ اللّٰهُ ( پارو: 3، سورہ آل عمران: 31)
ترجموڪنزالعرفان: اي حبيب! اوهان فرمايو ته اي انسانو! جيڪڏهن توهان الله سان محبت ڪيو ٿا ته منهنجا فرمانبردار بڻجي وڃو، الله توهان سان محبت ڪندو.