Book Name:Imamay Ki Barkatain
سان هٿ ملائيندي چيائين: پيارا ڀاءُ! ٻاهر چوڪ تي درس ٿي رهيو آهي. اوهان ڪجهه منٽ عطا ڪريو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نيڪين جو خزانو هٿ ايندو. مان سندس خوش اخلاقي ۽ ملنساري کان متاثر(Impress) ٿي هٿو هٿ ساڻس گڏ هلي پيس. ٻاهر هڪ اسلامي ڀاءُ فيضانِ سنت مان درس ڏئي رهيو هو، ٻين اسلامي ڀائرن جيان مان به درس ٻڌڻ ۾ مشغول ٿي ويس، درس ٻڌي منهنجي دل چوٽ کاڌي، مان سچيءَ دل سان توبهه ڪئي ۽ اسلامي ڀائرن جي صحبت اختيار ڪري ورتي، جنهن ڪري ڪڏهن سنتن ڀريي اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت ته ڪڏهن ڪڏهن قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سفر نصيب ٿيڻ لڳو. آهستي آهستي مان ديني ماحول جي ويجهو ٿيندو ويس، آخرڪار هوٽلن جي زينت بڻجڻ وارو نوجوان چوڪ درس جي برڪت سان اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول سان گڏ مسجدن ۾ راتيون گذارڻ وارو بڻجي ويو. ([1])
عطائے حبیبِ خدا دینی ماحول ہے فَیضانِ غوث و رضا دینی ماحول
سَنور جائے گی آخرت ان شاء اللہ تم اپنائے رکّھو سدا دینی ماحول ([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اوقاتِ نماز(Prayer Times) ايپ جو تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ تمام پياري موبائل ايپلي ڪيشن اوقاتِ نماز (Prayer Times) نالي سان جاري ڪئي آهي ٭ هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي دنيا جي ڪنهن به مقام جي نمازن جا اوقات