Book Name:Imamay Ki Barkatain
سڀئي ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمايو ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏيو ٭ شيخِ طريقت، امير اهلسنت هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب به ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ تفسير نور العرفان مان 95 مدني گُل( قسط: 6) رسالي جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا مثلاً واٽس ايپ وغيره استعمال ڪندا آهن، رضاءِ الٰهي ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ هي رسالو ٻين سان به شيئر (Share) ڪريو! ٭ دنيا ۾ هڪ عجيب و غريب بيماري پکڙيل آهي، جنهن کي بدشگوني ڪرڻ چوندا آهن، ڪڏهن ڪاري ٻلي رستو ڪَٽي وڃي ته ڏينهن خراب سمجهيو ويندو آهي، ڪڏهن نمبر 13 کي منحوس چيو ويندو آهي، ته ڪڏهن نِڇَ، ڇانوَ يا مختلف آوازن سان نحوست منسوب ڪئي ويندي آهي. هن بدشگوني جي حوالي سان مڪتبة المدينه جي طرفان هڪ بهترين ڪتاب بدشگوني نالي سان شايع ڪيو ويو آهي. توهان هي ڪتاب مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 75 رپين ۾ قيمتاً طلب ڪريو يا دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ www.dawateislami.net تان ڊائون لوڊ ڪيو، ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! جهومي وڃو! نور واري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو 15 سو ساله جشن ولادت تشريف کڻي اچي رهيو آهي.