Book Name:Imamay Ki Barkatain
٭ عمامو ٻڌڻ کان اڳ ۾ رڪجي وڃو ۽ سٺيون سٺيون نيتون ڪريو جيڪڏهن هڪ به سٺي نيت نه هوندي ته ثواب نه ملندو. مثلاً هي نيتون ڪريو ته: ٭ قبلي ڏانهن منهن ڪري ٭ بيٺي بيٺي ٭ الله پاڪ جي رِضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٭ سنت تي عمل ڪندي عمامو ٻڌي رهيو آهيان ٭ مناسب هي آهي ته عمامي جو پهريون وَرُ (پَيچ) مٿي جي ساڄي پاسي وڃي ٭ الله پاڪ جي آخري رسول، رسولِ مقبول صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي مبارڪ عمامي جو شملو عموماً پُشت (يعني پُٺي مبارڪ) جي پويان هوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساڄي پاسي، ڪڏهن ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ ٻه شملا هوندا هئا، کاٻي طرف شملو لٽڪائڻ سنت جي خلاف آهي ٭ عمامي جي شملي جي ڊيگهه گهٽ ۾ گهٽ 4 آڱريون ۽ ٭ وڌ ۾ وڌ اڌ پُٺي تائين (يعني لڳ ڀڳ هڪ هٿ (وچين آڱر جي چوٽي کان وٺي ٺُونٺِ تائين جي ماپ کي هڪ هٿ چيو ويندو آهي) هجڻ گهرجي ٭ عمامو قبلي ڏانهن مُنهن ڪري بيٺي بيٺي ٻڌو، ”مراٰت شريف“ ۾ آهي: عمامو بيهي ٻڌڻ سنت آهي، مسجد ۾ ٻڌو يا ڪنهن ٻئي هنڌ ٭ عمامي ۾ سنت هي آهي ته اڍائي گز کان گهٽ نه هجي ۽ نه ئي ڇهن گزن کان وڌيڪ هجي، ان جي ٻَڌَ گنبذ نما هجي ٭ ننڍو رومال جنهن سان صرف هڪ يا ٻه پَيچ اچي سگهن، ٻَڌڻ مڪروهه آهي ٭ عمامي کي جڏهن ٻيهر ٻڌڻو هجي ته جيئن ٻڌل آهي تيئن ئي کوليو ۽ هڪدم زمين تي نه اڇلايو، جيڪڏهن ضرورتاً لاهيو ۽ ٻيهر ٻڌڻ جي نيت هوندي ته هڪ هڪ پَيچ ڪري کولڻ تي هڪ هڪ گناهه مٽايو ويندو. ([1])