Book Name:Imamay Ki Barkatain
خدمت ۾ حاضر ٿيس ته پاڻ عمامو شريف ٻڌي رهيا هئا، جڏهن ٻڌي چڪا ته مون کي فرمايائون: ڇا تون عمامي کي دوست رکين ٿو؟ مون عرض ڪيو: ڇو نه؟ فرمايائون: ان کي دوست رک! عزت ماڻيندين، شيطان توکي ڏسي پُٺِي ڦيري ڇڏيندو، مون رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي فرمائيندي ٻڌو آهي: عمامي سان هڪ نماز بغير عمامي جي 25 نمازن جي برابر آهي ۽ عمامي سان هڪ جمعو بغير عمامي جي 70 جمعن جي برابر آهي.
حضرت عبد الله بن عمر رَضِیَ اللہُ عنہما وڌيڪ فرمايو: پٽ...!! عمامو ٻڌندو ڪر، ڇاڪاڻ ته فرشتا جمعي جي ڏينهن عمامو ٻَڌي ايندا آهن ۽ سج لهڻ تائين عمامي وارن تي سلام موڪليندا رهندا آهن.[1]
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ڪيتريون زبردست فضيلتون آهن، عمامو ٻڌي پڙهيل نماز عمامي کان سواءِ پڙهيل 70 نمازن کان بهتر آهي. تنهنڪري عمامو شريف ٻڌي نماز پڙهو. جيڪي نيڪين جا حريص هوندا آهن، اهي اهڙا موقعا هٿن مان وڃڻ نه ڏيندا آهن. نماز ته پڙهڻي ئي پڙهڻي آهي، محنت گهڻي نه آهي، عمامي شريف جو تاج سجائي پڙهو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نيڪيون وڌي وينديون.
هڪ دفعي امير اهلسنت مولانا الياس عطّار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه ڪنهن اسلامي ڀاءُ جي گهر تشريف وٺي ويا، اتي پاڻ وضو ڪيائون، وضوءَ جي وقت ظاہر آهي عمامو شريف لاهڻو پوندو آهي، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه ته نرم، مٿي سان چپڪيل ٽوپي تي عمامو سجائيندا آهن، اهڙو عمامو لاهڻ سان