Imamay Ki Barkatain

Book Name:Imamay Ki Barkatain

فاروق اعظم رَضِیَ اللہُ عَنْہُ جو فرمان آهي: بيشڪ الله پاڪ توهان کي فرشتن جيان ڏسڻ پسند فرمائيندو آهي. ([1]) 

ٻَڌِي آيا هئا مددگار، عِمامو

سُبْحٰنَ اللہ! فرشتا عِمَامو ٻڌندا آهن. حديث پاڪ ۾ آهي: بدر ۽ حنين جي جنگين ۾ جيڪي فرشتا  آيا هئا، انهن کي عِمَاما ٻڌل هئا.[2]

تھی بدر میں دستار فرشتوں کے سروں پر              باندھے ہوئے آئے تھے مددگار عِمَامہ

هونئن ته اسان مان شايد ڪنهن به فرشتو نه ڏٺو هجي، پر اسان جي ذهنن ۾ فرشتن بابت جيڪو تصور آهي، ان جي مطابق ٿورو غور ڪريو؛ ڇا هن دنيا ۾ فرشتن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ حسين ڪو انسان هوندو؟ عام ماڻهن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، انبياءِ ڪرام عَلَیْهِم السَّلَام  جو شان جدا آهي. عام ماڻهن ۾ فرشتن جهڙو حسين ڪو به نه هوندو. حضرت يوسف عَلَیْهِ السَّلَام  جو حسن معجزو هو. انهن جي مُقَدَس حُسنَ کي ڏسي مصر جي عورتن پنهنجا هٿ ڪَٽي ڇڏيا هئا. يعني حُسنِ يوسف جي جلوي ۾ گم ٿي پنهنجا هوش ئي وڃائي ويٺيون هيون. ان وقت مصر جي عورتن ڇا چيو هو: 

اِنْ هٰذَاۤ اِلَّا مَلَكٌ كَرِیْمٌ(۳۱)  (پارو: 12، سورہ يوسف: 31)

ترجمو ڪنزالعرفان:  هي ته ڪو وڏي عزت وارو فرشتو آهي.

يعني مصر جي عورتن وٽ به جيڪو تصور هو، سو اهو هو ته ڪو انسان  ايترو حسين ٿي نه ٿو سگهي، هي ته ڪو فرشتو ئي لڳي رهيو آهي.


 

 



[1]... تفسیر طبری، پارہ: 23، سورۂ صافات، زیرِ آیت: 166، جلد: 10، صفحہ: 29681  ملتقطًا۔

[2] عِمَامے کے فضائل، صفحہ:58۔