Book Name:Imamay Ki Barkatain
هر وَرَ (يعني پيچ) تي نيڪيون
اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو عمامو ٻڌي، ان کي هر وَرَ يعني پَيچ جي بدلي ۾ هڪ نيڪي عطا ڪئي ويندي ۽ جڏهن (ٻيهر ٻَڌڻ جي نيت سان) لاهي ته، هر پَيچ کولڻ تي سندس هڪ گناهه مٽايو ويندو. هڪ حديث شريف ۾ فرمايائون: عمامو ٻڌڻ واري (مسلمان) کي پنهنجي مٿي تي ٻڌل هر پَيچ جي بدلي ۾ قيامت جي ڏينهن هڪ نور عطا ڪيو ويندو.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيتريون آسان نيڪيون آهن، عمامو شريف ٻڌو، هر وَرَ (پَيچ) تي هڪ نيڪي ملندي، ٻيهر پائڻ جي نيت سان لاهيو ته هر پَيچ سان گڏ هڪ هڪ گناهه مٽجندو ويندو. هر پَيچ کان پوءِ قيامت جي ڏينهن نور نصيب ٿيندو.
وہ تو نہایت سستا سودا بیچ رہے ہیں جنّت کا ہم مفلس کیا مول چُکائیں، اپنا ہاتھ ہی خالی ہے
پيارا اسلامي ڀائرو! عمامو پائي نماز پڙهڻ سان ثواب به وڌي ويندو آهي ٭ حديث شريف ۾ آهي: 2 رڪعتون جيڪي عمامو ٻڌي پڙهيون وڃن، بغير عمامي جي 70 رڪعتن کان بهتر آهن[2] ٭ هڪ حديث پاڪ ۾ فرمايائون: عمامو ٻڌي پڙهيل نماز 10 هزار نيڪين جي برابر آهي. [3]
حضرت سالم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه، حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جا پوٽا آهن، فرمائن ٿا: هڪ دفعي مان پنهنجي والد محترم حضرت عبد الله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي