Book Name:Imamay Ki Barkatain
اڄ اسان سنت کي پنهنجي مٿي جو تاج بڻائي ڇڏيون، سڀاڻي قيامت جي ڏينهن اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ اسان کي جنت جو وارث بڻائي ڇڏيندو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
عمامي جو رنگ ڪهڙو هجڻ گهرجي ...؟
پيارا اسلامي ڀائرو! آخر ۾ اهو به عرض ڪندو هلان ته عمامو ڪهڙي رنگ جو ٻڌڻ گهرجي. هونئن ته ڪيترن ئي رنگن جو حديث پاڪ ۾ ذڪر آيو آهي، پر! شيخ عبدالحق محدث دهلوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو عمامو شريف اڪثر اڇي رنگ جو هوندو هو.[1] ٭ حضرت جبرائيل امين عَلَیْهِ السَّلَام بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيا ته ان وقت کين اڇو عمامو شريف سجايل هو ٭ جنگِ صفين جي ڏينهن حضرت علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو عمامو شريف اڇي رنگ جو هو ٭ حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به اڇو عمامو ٻڌندا هئا ٭ اهڙي طرح ڪيترن ئي صحابهءِ ڪرام ۽ تابعين بابت روايتون موجود آهن ته هي حضرات اڇو عمامو ٻڌندا هئا. تنهنڪري سنت جي ادائيگي جي نيت سان اڇو عمامو ٻڌڻ جي نيت ڪريو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! رنگ ۾ سنت جو خيال رکڻ جو به ثواب ملندو.[2]
ٻيهر وضاحت ڪريان ته پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کان ٻين رنگن جو عمامو ٻڌڻ به ثابت آهي پر اڪثر اوهان جي عمامي شريف جو رنگ اڇو هوندو هو. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪيڏي نه خوبصورت ڳالهه چئي آهي، لکن ٿا: