Book Name:Imamay Ki Barkatain
الله پاڪ اسان کي توفيق بخشي، ڪاش! ٭ اسان درس ڏيون ٭ علائقائي دوري ۾ شرڪت ڪريون
٭ فجر جي نماز لاءِ جاڳايون ٭ عاشقانِ رسول سان گڏ قافلن ۾ سفر ڪريون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهڻي کان گهڻي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿيندي.
نہ نیکی کی دعوت میں سستی ہو مُجھ سے بنا شائقِ قافِلہ یاالٰہی!
سعادت ملے درسِ فیضانِ سُنّت کی روزانہ دو مرتبہ یاالٰہی!
پيارا اسلامي ڀائرو! رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم پنهنجي بارگاهه ۾ حاضر غلام يعني شيخ احمد مغربي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي عمامو شريف تحفي ۾ عطا فرمايو ۽ حڪم فرمايو: هِن کي ٻڌو ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ لڳي وڃو ...!!
هن مان معلوم ٿيو ته عمامو شريف تحفي ۾ ڏيڻ به پاڻ سڳورن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جن جي ادا آهي. اسان جي معاشري ۾ عام طور تي ٻين کي تحفا ڏيڻ جو رواج آهي ٭ سالگرهه تي تحفا ڏنا ويندا آهن ٭ ڪا ڪاميابي ملڻ تي تحفا ڏنا ويندا آهن ٭ شادي، وِهانءُ يا ٻين خوشين جي موقعن تي به تحفا ڏنا ۽ ورتا ويندا آهن ٭ دوستن وغيره جي به پاڻ ۾ تحفن جي ڏيتي ليتي هلندي رهندي آهي. تحفي ۾ ڇا ڏيڻو آهي؟ اهو به هڪ مسئلو هوندو آهي، ماڻهو گھڻو ڪجهه ڏئي رهيا هوندا آهن، ڪاش! اسان تحفي ۾ ديني ڪتاب ڏيڻ جي عادت بڻايون، تحفو به ٿي ويندو، نيڪي جي دعوت به ٿي ويندي. اهڙي طرح