Book Name:Imamay Ki Barkatain
حضرت ربيع رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا عمامو ٻڌڻ سان عقل وڌندو آهي ٭ عمامي ٻڌڻ جي برڪت سان لُڪَ (لوءَ) لڳڻ ۽ دماغي فالج کان حفاظت ٿيندي آهي.[1]
هڪ ماهرِ نفسيات ڊاڪٽر جو بيان آهي ته جڏهن مان اعليٰ تعليم جي ڊگري لاءِ ٻاهرين ملڪ ويس ته اتي مون ڏٺ و ته نفسياتي بيمارين کان بچائڻ جي لاءِ پڳڙي نما (عمامو) هڪ ڪپڙو مٿي تي ٻڌو ويندو هو. مون ڏٺو ته حيران ٿي ويس ته هيءَ ته اهو ئي عمامو شريف آهي جنهن کي سجائڻ جو اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم حڪم ارشاد فرمايو آهي. ماهر اهو عمامي نما ڪپڙو ان ڪري ٻڌندا هئا ته ان سان ماڻهوءَ جي اندر مسئلا حل ڪرڻ جي قوت ۽ تڪليفن کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿئي ٿو ۽ ماڻهو بيشمار نفسياتي بيمارين کان بچي ويندو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان جو حاصل مطلب هي آهي ته عمامو صرف هڪ ڪپڙو نه آهي پر عزت جو تاج به آهي. اسان جي آقا، پياري پياري مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي سنت به آهي، نيڪين ۾ اضافي جو سبب به آهي، امت جي ترقي ۽ ڪاميابي جي ضمانت به آهي، شيطان جي مخالفت به آهي ٭ فرشتن جي صفت به آهي ٭ جيڪو مٿو عمامي سان سجي ويو، سو حيا، غيرت، عزت ۽ سنت جي نور سان سجي ويو ٭ مٿي تي عمامو، چهري تي سنتِ رسول ۽ دل ۾ ايمان، اهو ئي ته سچي پڪي حقيقي مسلمان جي شان آهي.