Imamay Ki Barkatain

Book Name:Imamay Ki Barkatain

  هي صرف سمجهائڻ جي لاءِ مثال پيش ڪيو ويو، چوڻ جو مقصد هي آهي ته حڪم جي مقدار کي نه ڏسڻ گهرجي پر ان جي اثر کي ڏسڻ گهرجي. اهو نه ڏسو ته هي ڪم صرف مستحب آهي، سنتِ غير مؤڪده آهي، ان جي تاثير کي ڏسو ته جيڪڏهن اهو ڪم نه ڪيو ته ان جو نتيجو ڇا نڪرندو.

عمامي شريف کي ئي ڏسو! عمامو شريف ٻڌڻ فرض نه آهي، واجب نه آهي، سنتِ غير مؤڪده آهي، جيڪڏهن ڪو نه ٿو ٻڌي تڏهن به گنهگار نه آهي، پر عمامو نه ٻڌڻ جو جيڪو اثر آهي اهو ڏاڍو سخت آهي.

عِمامو  عزت جو  تاج آهي

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: اَلْعَمَائِمُ وَقَارٌ لِلْمُؤْمِنِ وَعِزٌّ لِلْعَرَبِ عِمَامو مؤمن جو وقار ۽ عرب جي عزت آهي، فَاِذَا وَضَعَتْ الْعَرَبُ عَمَائِمَہَا وَضَعَتْ عِزَّہَا جڏهن عرب عِمَامو ٻڌڻ ڇڏي ڏيندا، پنهنجي عزت لاهي ڇڏيندا. [1]

هڪ روايت ۾ فرمايو ويو: اِذَا وَضَعُوْا الْعَمَائِمَ وَضَعَ اللہُ عِزَّہُمْ يعني جڏهن عرب عِمَامو لاهي ڇڏيندا، الله پاڪ انهن جي عزت ختم فرمائي ڇڏيندو.[2] 

الله اڪبر! الله پاڪ جي پناھ ...! هي آهي عِمَامو نه ٻڌڻ جو اثر. عِمَامو نه ٻڌو ته جيتوڻيڪ گناهه نه ٿيندو پر ان جو نتيجو اهو نڪرندو جو مسلمانن جي عزت ختم ٿي ويندي، وقار هليو ويندو. اڄ ڏسو، امتِ مسلمه تي ڪهڙو عجيب دور آيو آهي. هڪ وقت هو جو وڏيون وڏيون طاقتون مسلمانن جي نالي کان


 

 



[1] مسند فردوس، جلد:3، صفحہ:88، حدیث:4247۔

[2] جامع صغیر،صفحہ:353، حدیث:5724 ۔