Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

وڃي، ڪاش! ان ايماني محبت تي استقامت ملي، جيڪڏهن قيامت جي ڏينهن مَحبّتِ صديق کڻي حاضر ٿي وياسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! شفاعتِ صديق اڪبر سان  جنت ۾ داخلا نصيب ٿي ئي ويندي.  

صِديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه  جهڙا ٿي وڃو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت صِدّيق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي فضائل مان هڪ فضيلت اها به آهي ته قيامت تائين اچڻ وارن مسلمانن کي سندن پيروي ڪرڻ، سندن سيرت مان روشني وٺڻ ۽ سندن پاڪيزه سيرت کي پنهنجي لاءِ زندگي جو نمونو بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

سيپارو: 3 سورة آلِ عمران، آيت: 79 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

کُوۡنُوۡا رَبّٰنِیّٖنَ

(سيپارو: 3 سورة آلِ عمران، آيت: 79)

ترجمو ڪنزالعرفان: الله وارا ٿي وڃو.

   حضرت ابو عبّاس عطا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ سوال ٿيو: هن آيتِ ڪريمه ۾ الله پاڪ اسان کي ڪهڙي شخصيت جهڙو ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي؟ فرمايائون: هن آيت ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته توهان صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جهڙا بڻجي وڃو! (ڇوته جهڙو ربّاني يعني الله وارو صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه آهي، انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام کان بعد اهڙو الله وارو ٻيو ڪير به نه آهي).[1]  قرآن ڪريم ۾ هڪ ٻئي مقام تي الله پاڪ فرمائي ٿو:


 

 



[1] کتاب اللمع ،صفحہ:168۔خلاصۃً