Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar
پيشاني کي چميو ۽ کين سيني سان لڳايو. [1]
(4): قيامت جي ڏينهن حبيب ۽ خليل جي قربت!
حضرت معاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته نور جي پيڪر، تمام نبين جي سَرور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: قيامت جي ڏينهن عرش اعظم جي سامهون منهنجي ۽ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي لاءِ هڪ منبر رکيو ويندو ۽ ابوبڪر جي لاءِ هڪ ڪُرسي رکي ويندي جنهن تي هُو ويهندا ۽ هڪ اعلان ڪرڻ وارو اعلان ڪندو: یَا لَکَ مِنْ صِدِّیْقٍ بَیْنَ خَلِیْلٍ وَحَبِیْبٍ يعني صِدّيق جي عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي! جو هُو الله پاڪ جي خليل ۽ حبيب جي وچ ۾ تشريف فرما آهن.[2]
نہایت متقی و پارسا صِدِّیقِ اکبر ہیں
تِقَی ہیں بلکہ شاہِ اَتْقِیَا صِدِّیقِ اکبَرْ ہیں
اَمِیْرُ الْمُؤمِنِیْں ہیں آپ اِمَامُ الْمُسْلِمِیْں ہیں آپ
نبی نے جنّتی جن کو کہا صِدِّیقِ اکبر ہیں
سبھی اصحاب سے بڑھ کر مُقَرَّب ذات ہے انکی
رفیقِ سرورِ اَرض و سما صَدِّیقِ اکبر ہیں([3])
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
غار ۾ جنت جي نهر(شاخ) وَهي آئي
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا، مُسلمانن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي خصوصيت آهي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه پياري آقا جا يارِ غار آهن. مڪي