Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

جي ڳالھ  ڏسو! فرض ڪيو جيڪڏهن ڪو ايتريون نيڪيون ڪري به وٺي پر ان جي دل ۾ حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جو بغض موجود هجي ته صرف هيءَ هڪ بُرائي ايتري وڏي آهي جو سڀني نيڪين تي ڀاري ٿي ويندي ۽ انسان جنت کان محروم ٿي ويندو. اَلْاَمَانُ وَالْحَفِیظ!  

صديق اڪبر جي دشمن تي لعنت وسندي آهي.

صحابي رسول حضرت اَنس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن سرڪارِ عالي وقار، مڪي، مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم منبر تي جلوا فرما ٿيا، الله پاڪ جي حمد ۽ ثنا بيان ڪئي، پوءِ فرمايائون: ابوبڪر ڪٿي آهن؟ صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه  عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! مان هتي حاضر آهيان. فرمايائون: ابوبڪر! منهنجي ويجهو اچو! پاڻ ويجهو ٿيا، منهنجي ۽ اوهان جي  آقا، محبوب خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  کي سيني سان لڳايو ۽ پنهنجي پياري پياري نوراني چپن سان صِدّيق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي پيشاني کي چمي ورتو.    حضرت اَنس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  فرمائن ٿا: اسان ڏٺو ته ان وقت، رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُبارڪ اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صديق اڪبر جو هٿ پڪڙي بلند آواز فرمايو: اي مسلمانن جا گروھ! هي ابوبڪر صديق آهي، هي مهاجرن جو به سردار آهي، انصار جو به سردار آهي، هي منهنجو ساٿي آهي، هن منهنجي ان وقت تصديق ڪئي، جڏهن ماڻهو مون کي ڪوڙو چئي رهيا هئا، پوءِ جيڪو هن سان بغض رکي، اُن تي الله پاڪ جي ۽ لعنت ڪرڻ وارن جي لعنت هجي.[1]

الله پاڪ جي پناھ! اي عاشقانِ رسول! دعا ڪيو! ته الله پاڪ اسان کي مرڻ


 

 



[1] الریا ض النضرۃ،الباب الرابع فیما جاء مختصًا بالاربعۃ  الخلفا،جز:1،صفحہ:42 ملتقطًا