Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar
صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي شان ۾ 4 حديثون
(1) صديق اڪبر جنت ۾ انبياء سان گڏ
(1) حضرت جابر بن عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي
ته نبي ڪريم، رؤف رَّحيم
صَلَّى
اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ملائڪ ابوبڪر صديق
رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي قيامت جي ڏينهن آڻيندا ۽ نبين ۽ صديقن سان گڏ جنت ۾ جڳھ
ڏيندا.[1]
(2) صديق اڪبر جو جنت ۾ زبردست استقبال
حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُما کان روايت آهي ته الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنت ۾ هڪ اهڙو شخص داخل ٿيندو جو تمام جنت وارا اُن کي سڏي ڪري چوندا: مرحبا! مرحبا! هتي تشريف کڻي اچو! هتي تشريف کڻي اچو. حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ نهايت تعجب مان پڇيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڇا اسان به ان شخص کي ڏسي سگهنداسين؟ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي ابوبڪر! اهو جنتي شخص تون ئي آهين.[2]
(3): محشر جي ڏينهن صديق اڪبر جي شفاعت
حضرت جابر بن عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن اسان رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھِ بيڪس پناھ ۾ حاضر هئاسين، پاڻ فرمايائون: هاڻي توهان وٽ اهو شخص ايندو جيڪو مون کان پوءِ سڄي اُمّت کان افضل آهي، اهو قيامت جي ڏينهن نبين سڳورن عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جيان شفاعت ڪندو. حضرت جابر بن عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا ته اڃان ٿوري ئي دير گذري هئي ته حضرت ابوبڪر صدّيق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ اچي ويا ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اٿيا سندن