Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَاف (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
مسلمانن جا پهريان خليفه حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: مان بارگاھ رسالت ۾ حاضر هيس، ايتري ۾ هڪ شخص آيو ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي سلام عرض ڪيائين: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سلام جو جواب ارشاد فرمايو. مان ڏسي رهيو هيس ته ان شخص کي ڏسي ڪري رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو چهرو مبارڪ ٻهڪي پيو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي ڀرسان ويهاريو. ڪجھ دير کان پوءِ ان شخص اجازت ورتي ۽ اٿي هليو ويو. ان جي وڃڻ کان پوءِ غيب ڄاڻڻ واري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو؛ اي ابوبڪر! هي اهو شخص آهي جنهن جي هڪ اهڙي نيڪي روزانو آسمان جي طرف بلند ڪئي ويندي آهي جيڪا تمام زمين وارن جي مثل آهي. مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ان جو ڇا سبب آهي؟ فرمايائون: هي شخص روزانو مون تي اهڙو درود پڙهندو آهي جيڪو تمام مخلوق جي برابر ٿي ويندو آهي. مون پڇيو: اهو ڪهڙو درود آهي؟ فرمايائون: هي شخص هيئن درودِ پاڪ پڙهندو آهي:
اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰى مُحَمَّدِنِ النَّبِيِّ عَدَدَ مَنْ صَلّٰى عَلَيْهِ مِنْ خَلْقِكَ، وَصَلِّ عَلٰى مُحَمَّدِنِ النَّبِيِّ