Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar
هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، * علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، * ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، * هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
هڪ نيڪ بُزرگ فرمائي ٿو: منهنجو هڪ پاڙيسري هو، اهو تمام وڏو گنهگار هو، ايستائين جو مون ان گنهگار جي عادت کان تنگ اچي ڪري پنهنجو مڪان ئي بدلي ڇڏيو ۽ ان کان پري ٿي ويس. (ڪجھ عرصي کان پوءِ مون کي خبر ملي ته منهنجو اهو پاڙيسري وصال ڪري ويو آهي) ان جي انتقال کان پوءِ هڪ شخص مون وٽ آيو، اهو تمام ڊگهي قد جو هيو، ان جي قد جي ڊيگھ ڏسي ڪري مون کي خوف محسوس ٿيو. ان مون کي چيو: مون سان گڏ هلو! مان ان سان گڏ هلي پيس، اهو شخص مونکي انهيءَ پاڙيسري جي قبر تي وٺي ويو ۽ قبر کولي. جيئن ئي قبر کُلي ته مون ڏٺو: قبر جي اندر هڪ سائو باغ آهي، ان ۾ هڪ خوبصورت تخت رکيل آهي ۽ منهنجو اهو گنهگار پاڙيسري ان تخت تي ويٺو آهي. مون حيراني مان پڇيو: توکي هي مرتبو ڪيئن مليو.....؟ ان چيو: مان هر نماز کان پوءِ هيئن دعا ڪندو هيس:
اَللّٰہُمَّ ارْضِ عَنْ اَبِیْ بَکْرٍ وَ عُمَرَ وَ عُثْمَانَ وَ عَلَیٍ وَ ارْحَمْنِیْ بِحُبِّہِم
ترجمو: اي الله پاڪ! ابوبڪر، عمر، عثمان ۽ علي کان راضي ٿيءُ ۽ سندن