Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar
ان تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اعلٰي وصفن مان هڪ اهم وصف اهو به آهي ته پاڻ سندن چڱي خاتمي جي لاءِ نهايت فڪر مند رهندا هئا. سندن شهزادي يعني مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ، صديقه بنت صديق، حضرت عائشه صديقه رضي الله عنها فرمائن ٿيون ته: منهنجو والد محترم صبح ۽ شام هي دعا گهرندو هو؛ اَللّٰهُمَّ اجْعَلْ خَيْرَ عُمْرِي آخِرَهُ وَخَيْرَ عَمَلِيْ خَوَاتِمَهُ وَخَيْرَ اَيَّامِيْ يَوْمَ اَلْقَاكَ اي الله پاڪ منهنجي آخري عمر کي زندگيءَ جو سڀ کان بهترين حصو بڻاءِ، منهنجي آخري اعمال کي سڀني کان بهترين عمل بڻاءِ، ۽ منهنجي ڏينهن مان سڀني کان بهترين ڏينهن هن کي بڻاءِ، جنهن ڏينهن تنهنجي حضور حاضري ٿيندي.
سندن خدمت ۾ عرض ڪيو ويو ته: اي صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه! اوهان ته اصحابي رسول آهيو، مصطفيٰ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غار جا ساٿي آهيو، اوهان هي دعا ڇو ٿا گهرو؟ پاڻ فرمايائون: ڪڏهن ڪڏهن انسان سڄي عمر جنتين وارا ڪم ڪندو رهندو آهي، پر ان جي پڇاڙي دوزخ وارن ڪمن تي ٿيندي آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته انسان سڄي زندگي دوزخ جي ڪمن ۾ گذاريندو آهي، پر ان جي پڇاڙي جنتين وارن عملن تي ٿيندي آهي. ([1])