Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar
تنهنڪري پنهنجي اندر الله پاڪ جي خفيه تدبير جو خوف ضرور پيدا ڪرڻ گهرجي. قرآن پاڪ ۾ آهي:
فَلَا یَاۡمَنُ مَکۡرَ اللّٰہِ اِلَّا الۡقَوۡمُ الۡخٰسِرُوۡنَ (۹۹) (پارہ:9،اَلْاَعْرَاف:99)
ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ الله جي خفيه تدبيرکان صرف تباهه ٿيڻ وارا ماڻهو ئي بي خوف ٿيندا آهن.
عالم سڳورا فرمائن ٿا: الله پاڪ جي خفيه تدبير کان بلڪل بي خوف ٿي وڃڻ وڏو گناهه آهي. ([1])
ڪاش! حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي صدقي ۾ اسان کي خوف خدا جي دولت نصيب ٿي وڃي، ڪاش! حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي صدقي اسان جو آخري وقت نيڪ عملن سان ڀريل هجي ۽ اسان کي ايمان ۽ عافيت سان گنبذ خضرا جي ڇانوَ هيٺ شهادت جي موت نصيب ٿئي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم۔
ایماں پہ رَبِّ رحمت دیدے تُو استقامت دیتا ہوں واسطہ میں تجھ کو تِرے نبی کا([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جا ڪجهه فضائل ۽ اعلٰي وصف ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي * حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه اهي بلند رتبي واري شخصيت آهن جو سندن کي جنت الفردوس ۾ انبياءِ عليهم السلام جو پاڙو نصيب ٿيندو * سڀئي جنتي مرحبا! مرحبا! چئي ڪري سندن استقبال ڪندا * پاڻ قيامت جي ڏينهن نبين وانگر شفاعت ڪندا * قيامت جي ڏينهن کين مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ حضرت ابراهيم