Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar
انهيءَ محبت سان قبر ۾ لهڻ ۽ قيامت جي ڏينهن اٿڻ نصيب ٿي وڃي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
جینا مرنا اُن کی اُلفت میں ہو یارَبّ اور ہو قُرب جنّت میں عطا اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا
حشر میں مجھ کو شفاعت کی عطا خیرات ہو واسطہ یا مصطفےٰ! اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا
دے گُنَاہوں سے نجات اور مُتّقی مجھ کو بنا یااِلٰہی! واسطہ اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا([1])
صِدِّيق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي پنهنجي غلامن تي شفقت
صحابي رسول، حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، معراج جي رات جڏهن اسان جا آقا و موليٰ، معراج جا گهوٽ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آسمانن جي سير فرمائڻ ۽ الله پاڪ جو ديدار ڪرڻ جي لاءِ تشريف کڻي ويا، اُن رات حضرت جبرائيل اَمين عَلَيۡهِ السَّلَام مصطفيٰ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي وزير صِدّيق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي شان بيان ڪندي چيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! قيامت جي ڏينهن حضرت صِدّيق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي چيو ويندو: اي ابوبڪر! (اوهان بلاحِساب ئي) جنت ۾ داخل ٿي وڃو! ان تي حضرت صِدّيق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ چوندا: جيسيتائين مون سان محبت رکڻ وارا جنت ۾ نٿا هليا وڃن، اُن وقت تائين مان جنت ۾ نه ويندس. ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي، اسان جي آقا، اُمَّت جي پيشوا حضرت صِدّيق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو...!! ڪاش! اسان کي سندن سچي پڪي محبت نصيب ٿي