Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar
مصرع آهي:
مومن ہے تو کرتا ہے فقیری میں بھی شاہی
اهڙا ماڻهو دنيا ۾ هوندا آهن، جيڪي بظاهر ڏسڻ ۾ اهم ناهن لڳندا پر دلين تي انهن جو
راڄ هوندو آهي، هي دعا جي لاءِ هٿ کڻن ته زماني
کي بدلي ڇڏين. انهن جي زبان مان نڪتل هڪ لفظ لکين دلين جي ڌڙڪن بڻبو آهي، هزارين
ماڻهن جي قسمت سنواري ڇڏيندو آهي. هي اهي
هوندا آهن جيڪي فقيري ۾ بادشاهي ڪندا هئا. اهڙو باڪمال بڻجڻ جي لاءِ پهريون سبق ئي
اهو آهي؛ سڀني کان جدا ٿي ربّ جا ٿي وڃو! صوفي سڳورا فرمائن ٿا:
مَنْ لَہُ الْمَوْلٰی فَلَہُ الْکُلُّ يعني جيڪو پنهنجي
موليٰ جو ٿي ويو، ان جو سڀ ڪجھ ٿي ويندو آهي.[1]
لهٰذا اسان کي به گهرجي ته سڀني کان جدا ٿي ڪري (يعني دل مان دنيا جي، مال ۽ دولت جي محبت ڪڍي ڪري) صرف ۽ صرف پنهنجي ربّ جا ٿي وڃون، ان جي برڪت سان دنيا به سنورجي ويندي ۽ آخرت به سنورجي ويندي.
(2) تَفْوِیْض جي وضاحت
حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو ٻيو پيارو وصف آهي: تَفْوِیْض يعني پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه اهو پختو ذهن بڻائي ورتو هو ته مون کي جيڪا بُرائي يا ڀلائي پڄندي آهي، اها الله پاڪ ئي جي طرفان آهي، انهي جي حڪم سان آهي، لهٰذا پاڻ پنهنجا سڀئي معاملا الله پاڪ ئي جي سپرد ڪندا هئا، انهيءَ سان اُمّيد رکندا، انهي طرف دل لڳائيندا ۽ ان جي رضا ۾ راضي رهندا هئا. اهو به نهايت اهم وصف آهي، جيڪڏهن اسان زندگي ۾ سڪون چاهيون ٿا ته اسان کي به اهو