Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

چاهيندو، مون کي شفا ملي ويندي. [1]

هي آهي الله پاڪ جي قدرت... ان ربّ ڪريم جي قدرت، ان جي مرضي اسان تي نافذ آهي، تنهنڪري جيڪو هو چاهي ٿو، اهو ئي ٿئي ٿو، اسان کي گهرجي ته گھٻرائيندا نه ڪيون، خوف نه ڪندا ڪيون، رڳو! ان جي رضا تي راضي رهون ۽ پنهنجا سمورا معاملا انهيءَ ربّ قادر جي حوالي ڪري ڇڏيون. ان شاءَ الله الڪريم زندگي پرسڪون ٿي ويندي.

(3): تَوڪُّل

حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو ٽيون پيارو وصف آهي: تَوَڪُّل يعني جڏهن پاڻ قرآن ڪري جي هي آيت پڙهي:

وَ مَا مِنۡ دَآبَّۃٍ  فِی الۡاَرۡضِ  اِلَّا عَلَی اللّٰہِ  رِزۡقُہَا

(پارہ:12،ہُود:6)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ زمين تي هلندڙ ڪو ساھ وارو اهڙو ناهي جنهن جو رزق الله جي ذمي ڪرم تي نه هجي.

ان کان پوءِ پاڻ روزيءَ جو فڪر ڪرڻ ڇڏي ڏنو ته جڏهن رزق کي الله پاڪ پنهنجي ذمّهءِ ڪرم تي کنيو آهي ته اهو ئي مون کي رزق عطا فرمائيندو.

       پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته اهڙو توڪل اپنايون. رزق الله پاڪ جي ذمي ڪرم تي آهي، هو اسان کي رزق عطا فرمائيندو. اسان کي گهرجي ته رزق جي فڪر ۾ ڏينهن رات گذارڻ جي بدران نيڪ ڪمن جي فڪر ڪندا ڪيون، جنت ۾ وڃڻ جو فڪر  ڪيون.

 يقيناً ڪسبِ حلال (يعني حلال رزق ڪمائڻ) به اسان جي ذميواري آهي. مناسب


 

 



[1] اللمع فی التصوف،باب فی ذکر آداب المرضی فی مرضہم،صفحہ:272مفہومًا۔