Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar
ڪم هفته وار مدني مذاڪرو به آهي.
الحمدُ لِله! شيخِ طريقت، اميرِ اھلِ سنَّت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه ھر ھفتي تي عشاء جي نماز کان پوءِ مدني چينل تي براھِ راست (Live) مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن يعني سڄي دنيا مان عاشقانِ رسول طرفان پڇيل سوالن جا علم ۽ حڪمت سان ڀرپور جوابَ ارشاد فرمائيندا آھن۔
مدني مذاڪري ۾ دلچسپ ۽ معلوماتي سيگمنٽ (Segments) به شامل ڪيا ويندا آهن، ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ٿيڻ وارن دعوت اسلامي جي ديني ڪمن جون اپڊيٽس به ملنديون آهن، دعوت اسلامي ڪهڙي طرح ترقي ڪري رهي آهي، اهو به مدني مذاڪري ۾ خبر پوندي آهي. اوهان به مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪيو ۽ تمام گهڻيون نيڪيون ڪمايو! اچو! ترغيب جي لاءِ مدني مذاڪري جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:
تعلقي تَله گنگ (ضلع چڪوال، صوبي پنجاب پاڪستان) جي ھڪ اسلامي ڀاءُ جو چوڻ آھي: پھريان مان معاشري (Society) جو وڏو بگڙيل انسان ھيس، سگريٽ، چرس، شراب جيڪو ملندو ھو ان ڏانھن ھٿ وڌائيندو ھيس، ھڪ ڀيري مون تي ڪرم ٿي ويو ۽ مون رمضانُ المبارڪ جا روزا رکڻ شروع ڪري ڇڏيا، روزانو رات جو مدني چينل تي مدني مذاڪرو به ڏسڻ نصيب ٿي ويو، اميرِ اھلِ سنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جي حڪمت ڀرين ڳالھين منھنجي دل تي اھڙو اثر ڪيو جو زندگي ۾ انقلاب اچي ويو، الحمدُ لِله! مون گناھن کان سچي توبه ڪئي ۽ چھري تي ڏاڙھي شريف سجائي ورتي، پنج ئي نمازون مسجد ۾ باجماعت ادا ڪرڻ لڳس، مون کي نماز پڙھندي ڏسي منھنجو پُٽ جنھن جي