Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

* نعت شريف ۽ * اسلامي بيان وغيره به ٻڌي سگهو ٿا.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب       صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!              جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب       صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

زلفن ۽ مٿي جي وارن جون سنّتون ۽ آداب

   فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جنهن جا وار هجن اهو انهن جي تعظيم ڪري.[2] يعني انهن کي ڌوئي، تيل لڳائي ۽ ڪنگو ڪري.

   پيارا اسلامي ڀائرو! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا زلف ڪڏهن نِصف (يعني اڌ) ڪن مبارڪ تائين * ڪڏهن ڪن مبارڪ جي لَو تائين ۽ * ڪڏهن ڪڏهن وڌي ويندا هئا ته مبارڪ  ڪلهن کي جهومي جهومي ڪري چمڻ لڳندا هئا * اسان کي گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن ٽئي سنّتون ادا ڪيون، يعني ڪڏهن اڌ ڪن تائين ته ڪڏهن پوري ڪن تائين ته ڪڏهن ڪلهن تائين زلف رکون
 * ڪجھ ماڻهو ساڄي يا کاٻي پاسي سينڌ ڪڍندا آهن هي سنّت جي خلاف آهي * سنّت هي آهي ته جيڪڏهن مٿي تي وار هجن ته وچان سينڌ ڪڍي


 

 



[1] تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2] ابو داؤد، کتاب الترجل، باب فی اصلاح الشعر، صفحہ:653، حدیث:4163