Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar
وصف اپنائڻ گهرجي.
ياد رکو! هن دنيا ۾ الله پاڪ جي قُدرت نافذ آهي، ان جي مرضي جي بغير هڪ پَن به نٿو هِلي سگهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ ہُوَ الۡقَاہِرُ فَوۡقَ عِبَادِہٖ ؕ (پارہ:7،اَلْاَنْعام:18)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ اهو ئي پنهنجي ٻانهن تي غالب آهي.
حضرت بِشر حافي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وليُّ الله آهن. هڪ ڀيري پاڻ بيمار ٿي پيا، هڪ شخص عيادت جي لاءِ حاضر ٿيو، سلام دعا کان بعد ان پڇيو: سائين طبيعت ڪيئن آهي.
هاڻي اولياءِ ڪرام جو ته اهو شان هوندو آهي جو هر حالت ۾ الله پاڪ جو شڪر ئي ادا ڪندا آهن، ڪڏهن شڪوا شڪايت ناهي ڪندا پر هتي معاملو بلڪل مختلف ٿي ويو. اُن شخص حال پڇيو، بشرحافي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بيماريءَ جي تفصيل ٻڌائڻ شروع ڪئي(مثلاً پهريان مون کي زڪام ٿيو هو، پوءِ مٿي ۾ سور شروع ٿيو، پوءِ بخار به ٿي پيو، پهريان مون فلاڻي حڪيم کان دواء ورتي، فلاڻو فلاڻو علاج ڪيائين وغيره ايئن پاڻ وڏي تفصيل ٻڌائڻ شروع ڪئي). ڀرسان ئي هڪ شخص حاضر هيو، ان اَدب سان عرض ڪيو: عاليجاھ! ڇا اها شڪوا ناهي؟ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نهايت پيارو جواب ڏنو، فرمايائون: نه...!! مان شڪوا ناهيان ڪري رهيو، مان ته اهو ٻڌائي رهيو آهيان ته الله پاڪ جي قُدرت ڪهڙي طرح مون تي نافذ آهي، منهنجي ڪا مرضي، منهنجي ڪا تدبير اثر ناهي ڪري رهي، جڏهن الله پاڪ چاهيو ته مان بيمار ٿيس، جڏهن اهو