Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

خدا جو قسم! مون روزيءَ جو فڪر ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جا هي ٽي اعليٰ وصف آهن، (1) تَبَتُّلْ: يعني هرهڪ کان جدا ٿي الله پاڪ جو ٿي وڃڻ، دل ۾ صرف انهيءَ جي ياد رکڻ (2) تَفْوِیْض: يعني پنهنجا سڀئي مُعاملا الله پاڪ جي حوالي ڪرڻ ۽ اهو يقين ڪري وٺڻ ته جيڪو الله پاڪ چاهيندو، اهو ئي ٿيندو (3) ۽ تَوَڪّل يعني الله پاڪ تي ڪامل ڀروسو رکڻ.

    پيارا اسلامي ڀائرو! هي ٽئي تمام اهم وصف آهن. جيڪو ٻانهو هي ٽئي وصف اپنائي وٺي، ان کي سڪون به ملندو آهي، ڪاميابي به ملندي آهي، ترقي به ملندي آهي، الله پاڪ جي خصوصي مدد ۽ نصرت به ملندي آهي، انسان پريشانين کان به بچي ويندو آهي ۽ الله پاڪ چاهيو ته انهن 3 وصفن جي برڪت سان آخرت به سنورجي ويندي آهي.

(1) تَبَتُّلْجي وضاحت

پهريون وصف آهي: تَبَتُّلْ يعني  سڀني کان جدا ٿي ڪري ربّ جو ٿي وڃڻ. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ اذۡکُرِ اسۡمَ رَبِّکَ وَ تَبَتَّلۡ  اِلَیۡہِ تَبۡتِیۡلًا ؕ(۸)

(پارہ:29،اَلْمُزَّمِّل:8)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ پنهنجي ربّ جو نالو ياد ڪر ۽ سڀ کان جدا ٿي فقط انهيءَ جو ٿي رھ.

ڪاميابي، ترقي ۽ بلند درجا ماڻڻ جو هيءُ اهم ترين اُصول (Most Important Principle) آهي، ڊاڪٽر اقبال جي شعر جي هڪ


 

 



[1] کتاب اللمع،صفحہ:172۔