Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar
ٿي وڃي ۽ انهيءَ دعا جي برڪت ئي سان اسان جي بخشش ۽ مغفرت ٿي وڃي.
جینا مرنا اُن کی اُلفت میں ہو یارَبّ! اور ہو قُرب جنّت میں عطا اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا
حشر میں مجھ کو شفاعت کی عطا خیرات ہو واسطہ یا مصطفےٰ! اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا
دے گُنَاہوں سے نجات اور متقی مجھ کو بنا یااِلٰہی! واسطہ اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! جُمادَي الاُخريٰ!(يعني هاڻي جيڪو اسلامي مهينو هلي رهيو آهي، ان) جي 22 تاريخ تي يومِ صِدّيق اڪبر ملهايو ويندو آهي، انهيءَ مُناسبت سان اڄ اسان حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جا فضائل ۽ ڪجھ اعلٰي وصف ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. الله پاڪ اسان سڀني کي تمام صحابه و اهل بيت خاص ڪري حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سان سچي پڪي محبت ڪرڻ، سندن سيرت مان سبق حاصل ڪري پنهنجا اخلاق ۽ ڪردار سنوارڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو مختصر تعارف
* حضرت ابوبڪر صدّيق رَضِىَ اللهُ عَنْه تمام وڏي رتبي وارا صحابي آهن، * سَيدُنا صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو نالو عبدالله آهي، ۽ سندن ڪُنيت ابوبڪر، ۽ صديق ۽ عَتِيق سندن لقب آهن، * پاڻ بالغ مَردن ۾ پهريان مُسلمان، * پهريان صحابي رسول، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا پهريان دوست، * پهريان اسلام جا خطيب، پهريان مُبلغِ اسلام(يعني دين جي دعوت ڏيڻ وارا)، * پهريان مُعينُ الدين(يعني دين جي لاءِ مالي ۽ جاني مدد ڪرڻ وارا)،