Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

* سڀني کان پهريان مسجد جا باني، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا خاص وزير، * ملائڪن جي گفتگو ٻڌڻ وارا، * امام الانبياء جي ظاهري زندگي ئي ۾ نمازن جي امامت فرمائڻ وارا، *  الله پاڪ، جبرائيل اَمين ۽ محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  سان صدّيق لقب ماڻڻ وارا، *  مسلمانن جا پهريان خليفه ۽ جانشينِ مصطفيٰ، * حضرت ابوڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ اهي بلند رتبي وارا صحابي آهن جو قرآنِ ڪريم جي ڪم و بيش 32 آيتن ۽ سوين حديثن ۾ سندن شان ۽ عظمت بيان ٿي، * پياري ۽ آخري نبي، مُحمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي وصالِ ظاهري کان پوءِ حضرت صدّيق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ  بلافصۡل(يعني پهريان) خليفه مقرر ٿيا، * 2 سال، 7 مهينا خلافت تي رونق افروز رهيا.[1] * پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جي 22 جُمَادي الۡاُخريٰ، 13 هجري تي وفات ٿي. ([2] ) * پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ سائي گنبذ ۾ پنهنجي يارِ غار، رسولن جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي پهلو مبارڪ ۾ آرام فرمائي رهيا آهن.

جو یارِ غارِ  محبوبِ خُدا صِدِّیقِ اکبر ہیں                وُہی یارِمَزارِ مصطفےٰ صِدِّیقِ اکبر ہیں

سبھی اَصحاب سے بڑھ کر مقَّرب ذات ہے ان کی   رفیقِ سرورِ اَرض و سما صِدِّیقِ اکبر ہیں([3])

 وضاحت: حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ، غارثور ۾ به امام الانبياء، رسول خدا، احمدِ مجتبيٰ، محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ هئا ۽ هاڻي مزار شريف ۾ به پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  سان گڏ آهن. تمام صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کان وڏي شان وارا صحابي ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ رهڻ وارا صحابي صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  آهن.


 

 



[1] مستدرک،کتاب معرفۃ الصحابہ،ولی ابو بکر فی خلافتہ...الخ،جلد:4،صفحہ:8حدیث:4474 ۔

[2]...الطبقات الکبریٰ لابن سعد،جلد:3،صفحہ:151۔

[3]...وسائلِ بخشش،صفحہ:565، 566 ملتقطًا۔