Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

گهڙي تائين اهڙي نحوست کان محفوظ فرمائي، يقين مڃو! صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان  جي بي ادبي ڪرڻ، دل ۾ انهن جي متعلق مير رکڻ سخت نقصانده آهي.

ملائڪ انهن تي لعنت ڪري رهيا هئا

امام اِبۡنِ ابي الدنّيا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه امام بخاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پهريان جا بُزرگ آهن، علم حديث ۾ سندن هڪ مقام آهي. پاڻ لکن ٿا: مدائن ۾ هڪ شخص جو وصال ٿي ويو، گهروارن ميت تي ڪپڙو وڌو(۽ غسل و ڪفن جون تياريون ڪرڻ لڳا)، جيڪي گهر وارا ميّت جي ڀرسان ويٺا هئا، انهن جو چوڻ آهي ته اسان ڏٺو: اچانڪ ڪپڙو لڏيو ۽ ميت جي منهن تان ڪپڙو هٽي ويو پوءِ اهو ئي شخص جنهن جو انتقال ٿي چڪو هيو، اهو چوڻ لڳو: مدائن جي مسجد ۾ ڪجھ ماڻهو آهن، جيڪي حضرت ابوبڪر و عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُما کي بُرو ڀلو چئي رهيا آهن، ملائڪ جيڪي منهنجو روح قبض ڪرڻ آيا آهن، اهي انهن ماڻهن تي لعنت ڪري رهيا آهن. پوءِ ان ٻه ڀيرا اَسْتَغْفِرُ اللہ! اَسْتَغْفِرُ اللہ پڙهيو ۽ ٻيهر موت جي ننڊ سمهي پيو.[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! لعنت جو مطلب آهي: الله پاڪ جي رحمت کان دوري ۽ محرومي....!! هتي غور فرمايو! جنهن شخص تي ملائڪ لعنت ڪري رهيا هجن، ان شخص جي ڇا حيثيت هوندي؟ ڇا حالت هوندي؟ ڪيئن ان جي مشڪلات آسان ٿيندي؟ ڪيئن اهو ڪاميابين جي طرف وڌي سگهندو؟ پوءِ وڏي ڳالھ اها آهي ته جنهن تي ملائڪن جي لعنت وسندي هجي، جيڪڏهن اهو بغير توبه ڪندي دنيا مان هليو ويو ته قبر ۾،


 

 



[1] موسوعۃ الامام ابنِ ابی الدنیا،جلد:6،صفحہ:276 ملتقطًا۔