Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

حد تائين اسان کي پنهنجو ڪم ڪار به ڪرڻو ئي آهي پر رات ڏينهن مال ۽ دولت ئي جي فڪر  ۾ رهڻ، اهو صحيح ناهي. اسان الله پاڪ جي ڪمن ۾ لڳي وڃون * يعني اسان نيڪ ڪم ڪيون * نمازون پڙهون * عبادتون ڪيون * دين جي خدمت ڪيون * مدني قافلن ۾ سفر ڪيون، نيڪيءَ جي دعوت جون ڌومون مچايون، ان جي برڪت سان، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  اسان جا دنياوي ڪم به بڻجي ويندا.

منهنجي ذميداري نماز پڙهائڻ  آهي

چيو وڃي ٿو: هڪ نيڪ شخص جيڪو تمام غريب هو، عشاء جي نماز ادا ڪري گهر آيو ڏٺائين ته ٻار سمهي چڪا آهن، هن پنهنجي زال کان پڇيو: ڇا ٻارن عشاء جي نماز پڙهي؟ زال چيو: نه. گهر ۾ ماني نه هئي، ٻار بک کان روئي رهيا هئا، تنهنڪري مون انهن کي ائين ريجهائي سمهاري ڇڏيو. ان نيڪ شخص چيو ته: هنن کي اٿاريو! ۽ عشاء جي نماز پڙهايو! زال منٿ ڪندي  چيو: ٻار بکيا آهن، گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، ٻار جاڳندا ته وري ماني گهرندا، بک جي ڪري روئندا، تنهنڪري انهن کي سمهڻ ڏيو! مڙس ايماني جذبي سان سرشار هو، سُو چيائين: منهنجو ڪم هنن کي ماني ڏيڻ ناهي، نماز پڙهائڻ آهي. مان پنهنجو ڪم ڪندس. روزيءَ جي ذميداري الله پاڪ کنئي آهي. ائين چئي ڪري ان صالح شخص ٻارن کي اُٿاريو ۽ کين مصلي تي ويهاري ڇڏيو. اڃا ٻار نماز پڙهي ئي رهيا هئا ته دروازي تي کڙڪو ٿيو،  ٻاهر هڪ شخص وڏي ٿال ۾ ڪيترن ئي قسمن جا کاڌا کنيو بيٺو هو. هن اهو ٿال نيڪ شخص کي ڏنو ۽ هليو ويو.

 سُبۡحٰنَ الله! اِها آهي توڪل جي برڪت....!! الله پاڪ اسان جي روزي جو ذمو کنيو آهي، هو اسان کي بکيو نه رهڻ ڏيندو. اسان مناسب حد تائين حلال رزق ڪمايون، باقي معاملو الله پاڪ جي سپرد ڪيو. اصل ۾ جيڪا اسان کي فڪر ڪرڻي آهي اها نيڪ ڪمن جي فڪر آهي، جنت ۾ وڃڻ ۽ دوزخ کان بچڻ جو فڪر. اهو اسان جي ذمي آهي، اسان کي